خيرپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزامن تحت 2 نارين سميت 4 قتل

جيڪب آباد/خيرپور(نمائندن وٽان) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول بخش ويسر ۾ جوابدار مشتاق عرف ڀٽو ويسر پنهنجي نوجوان ڪنواري ڌيءَ 17 ورهين جي گلبانو ۽ سوئٽ جي پٽ 18 ورهين جي نوجوان در محمد پٽ حاڪم علي ويسر کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو ۽ صدر ٿاڻي جي پهچي گرفتاري پيش ڪري ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. جوابدارن پاران ٿاڻي جي پهچي اطلاع ڏيڻ کانپوءِ حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولين جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال جيڪب آباد پهچايا، جتي ڊاڪٽرن پاران لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي صدر پوليس ٻڌايو ته جوابدار مشتاق عرف ڀٽو پنهنجي نوجوان ڌيءَ 17 ورهين جي گلبانو کي ڪارنهن الزام هيٺ گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سوئٽ جي پٽ در محمد ويسر کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪندي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته پنهنجي نياڻي گلبانو کي پنهنجي سوئٽ جي پٽ درمحمد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو ته برداشت نه ڪري سگهيس ۽ ٻنهي کي ڪارو ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. صدر پوليس موجب جوابدار مشتاق ويسر خلاف گناهه نمبر 199 هيٺ سرڪار پاران ايس ايچ او اياز علي پٺاڻ جي فرياد تي ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻي طرف خيرپور لڳ ڳوٺ پيروسڻ ۾ چاچي ڪارنهن جو الزام هڻي پنهنجي شادي شدا ڀائيٽي کي پنهنجي ڀائٽي سان ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس کي بيان ڏيندي جوابدار ٻڌايو ته کيس پنهنجي ڀائيٽي ۽ ڀائٽي تي شڪ هو، اڄ ٻنهي کي گڏ ويٺي ڪچهري ڪندي ڏٺم، ڪاوڙ مان ٻنهي کي ڪمري ۾ بند ڪري مون مارڪٽ شروع ڪري ڏني ته هنن مون تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مون ڪاوڙ ۾ اچي ٻنهي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ جعفر نالي ٿي آهي. جنهن جي عمر 32 سال آهي. ايندڙ مهيني سندس شادي رٿيل هئي. واقعي کان پوءِ پوليس جوابدار کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪلي، وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *