صبر جي پاليسي کي ڪمزوري سمجهڻ ڀارت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي(م.ڊ)  آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته خطي ۾ سيڪيورٽي جي حالت ڏکي آهي، سي پيڪ جا دشمن پنهنجي ڪوششن کي رد ڪري ان جي فائدي ۾ شامل ٿين، جي ايڇ ڪيو جي آرمي هاڪي اسٽيڊيم ۾ پاڪ فوج جي اڳواڻ جي تبديلي واري تقريب ۾ بطور آرمي چيف آخري خطاب ۾ راحيل شريف ڀارت سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جي صبر جي پاليسي کي ڪمزوري سمجهڻ سندس لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جا نتيجا ملي رهيا آهن، فوج جي ساٿ ڏيڻ سان سياسي قيادت، انٽيليجنس ادارن، قوم ۽ ميڊيا جو ٿورائتو آهيان. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي اسان تاريخ کي موڙي ڇڏيو آهي، سي پيڪ، ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جهڙا فيصلا ڪندي قومي مفادن کي ترجيح ڏني، پڪو يقين اٿم ته پاڪ فوج قوم جي اعتماد تي هميشه پورو لهندي. راحيل شريف چيو ته پرڏيهي خطرن سان منهن ڏيڻ لاءِ اندروني خطرن، ڏوهاري عنصرن، ڪرپشن ۽ انتهاپسندي کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي، نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل کي به لازمي بڻائڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *