جنرل زبير محمود حيات جي وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي اجلاس ۾ بجلي منصوبن جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت سنڀالڻ وقت بجلي جو بحران هو، هاڻي صنعتن لاءِ لوڊشيڊنگ زيرو آهي، بجلي ورڇ واري سسٽم ۾ پيدا ٿيل خرابيون ختم ڪرڻيون پونديون. اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته سال 2017 ۽ 2018ع دوران اڪثر توانائي منصوبا مڪمل ٿي ويندا، جنهن ڪري بجلي لوڊشيڊنگ ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي ويندي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ گهڻِي حد تائين گهٽجي وئي آهي، حڪومت ختم ٿيڻ تائين مهانگي بجلي خريد ڪرڻ تي نه ڀاڙڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *