خيرپور ناٿن شاهه: ٽرانسفارمر ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب لائين مين فوت، شروعاتي رپورٽ ۾ ڦير گير جو انڪشاف

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) خيرپور ناٿن شاهه ۾ گذريل رات بجلي جو ٽرانسفارمر ٺاهيندي بجلي جي جهٽڪي لڳڻ سبب لائين مين غلام حيدر چنو سڙي فوت، سيپڪو جي لاپرواهي لائين مين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو،ذريعن موجب حادثي جو ايل ايس امير علي چانڊيو ۽ گرڊ انچارج ذميوار قرار، حادثي جي ابتدائي رپورٽ ۾ هيراڦيري جو پڻ انڪشاف، وارثن پاران ڪاروائي جو مطالبو، تفصيل موجب؛ خيرپور ناٿن شاهه جي شهباز ڪالوني ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر ٺاهيندي اوچتو بجلي جي اچڻ سان بجلي جو زوردار جهٽڪو لڳڻ ڪري لائين مين غلام حيدر چنو سڙي زخمي ٿي پيو زخمي جو جسم 90 سيڪڙو سڙي ويو سندس نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو جتي هو زخمن جو سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ذريعن کان ملندڙ ڄاڻ موجب حادثو ايل ايس امير علي چانڊيو ۽ گرڊ انچارج جي لاپرواهي سبب پيش آيو لاش ڪي اين شاهه گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو گهر ۾ روڄ راڙو هوڏانهن شهري ۾ ورتل آهن لائين مين غلام حيدر چنه جي جنازي نماز ڪميونٽي سينٽر ۾ ادا ڪئي وئي ۽ سندس کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف سيپڪو واپڊا پاران تحقيقاتي رپورٽ ۾ پڻ هيراڦيري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي غلام حيدر چني جي وارثن چيف جسٽس آف پاڪستان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزير عابد شير علي، خواجه آصف ۽ اعلي اختيارن کان سيپڪو جي اعلي آفيسرن خلاف ڪاروائي جو پڻ مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿي نه سگهيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *