اُتر وزيرستان ۾فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپون، 12 دهشتگرد مارجي ويا

شمالي وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) شمالي وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپ دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 4 اهلڪار شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه دهشتگرد پنهنجن ساٿي دهشتگردن جا لاش ڇڏي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق آپريشن ضرب عضب جي دوران شمالي وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، آچر تي جاري ڪيل بيان جي مطابق شمالي وزيرستان جي علائقي دتا خيل جي علائقي غازيرزه جي علائقي ۾ ٿيل جهڙپ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪجهه فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *