انوپم کير، شبانه اعظمي سميت بالي ووڊ جي ڪيترين ئي شخصيتن پاران هيما مالني جي ترت صحتيابي لاءِ دعائون

ممبئي (شوبز نيوز) انوپم کير، شبانه اعظمي سميت بالي وڊ جي ڪيترين ئي شخصيتن حادثي ۾ زخمي ٿيل هيما مالني جي ترت صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون آهن. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن ٻه ڏينهن اڳ هيما مالني جي ڪار هڪ ٻي ڪار سان ٽڪرائجي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي فوت ۽ هيما مالني سميت 4 ٻيا ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. حادثي بعد هيما مالني کي جئه پور جي هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتان کيس صحت سڌرڻ کان پوءِ فارغ ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *