آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جي جذبن جو احساس آهي، هن جون اکيون آليون هيون جنهن جي پٺيان هڪ تاريخ آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مون کي آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جي جذبن جو احساس آهي، هن جون اکيون آليون هيون جنهن جي پٺيان هڪ تاريخ آهي. اسلام آباد ۾ ڪشمير بابت قومي پارليماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته توهان درست چيو ته اِهو مسئلو زمين جي ٽڪري جو ناهي پر ان کان وڌيڪ گهرو آهي، ڀارت جي 5 آگسٽ واري قدم اسان جي ڳڻتي ۾ واڌ ڪئي آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير جي حيثيت سان، حڪومت پاڪستان طرفان توهان کي خاطري ڏياريان ٿو ته توهان جي پٺيان بيٺا آهيون توهان کي باور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته دنيا نظرون موڙي سگهي ٿي پر پاڪستان توهان تان نظرون ڪڏهن به نه هٽائيندو. هن ٻڌايو ته مون کي علم آهي ته وزير اعظم عمران خان جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڇا پئي چوڻ چاهيون ۽ آئون فخر سان چئي سگهان ٿو ته عمران خان توهان جي جذبن کي مجروح نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان جي ڪاوشن سان 1965 جي جنگ جي 54 سالن کان پوءِ سلامتي ڪونسل ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آيو جنهن جي ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جو بيان به سامهون آيو ۽ جيڪڏهن هو ان جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو ته ان ۾ چيو ويپ هو ته هي عالمي سطح تي منظور ٿيل تڪرار آهي ۽ جنهن ئي عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، ٻطرفن معاهدن جي تحت حل ڪري سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سفارتڪاري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سفارتڪاري مان فوري حل حاصل نٿو ٿئي ان ڪري طويل عرصو گهربل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *