ڪيترائي وزير هڪ خاندان جي دفاع ۾ مصروف آهن، سرڪاري وسيلا هڪ خاندان کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪمران خاندان نٿو چاهي ته عدالت ڪنهن نتيجي تي پهچي هن وقت تائين حڪومتي رويي سان ثابت ٿيو آهي ته هو عدالت کي گمراهه ۽ ان جو وقت ضايع ڪرڻ چاهي ٿو پانامه ليڪس حڪومت ۽ عوام جي نه پر ڪرپشن ۽ عوام جي ويڙهه اهي انهيءَ ۾ مدي پاڪستان جي جي عوام ۽ جوابدار حڪمران خاندان آهي حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪيترائي وزير هڪ خاندان جي بچاءُ ۾ مصروف آهن ۽ سرڪاري وسيلا هڪ خاندان کي بچائڻ لاءِ ڪم آندا پيا وڃن اهڙن خيالن جو اظهار هن پانامه ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي نائب امير اسدالله ڀٽو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽر سراج الحق جي وڪيل توفيق آصف بٽ به ساڻس گڏ هو سينيٽر سراج الحق چيو ته پاڪستان وٽ هڪ اسٽيل مل هئي جيڪا مسلسل خساري ۾ آهي پي آءِ اي ريلوي واپڊا پي ٽي سي ايل سميت قومي ادارا خساري ۾ آهن جڏهن ته حڪمران خاندان جي هڪ اسٽيل مل ايترو منافعو ڪمايو جو ڪيتريون ئي فيڪٽريون ۽ دبئي لنڊن ۽ خبر نه آهي ته ڪنهن ڪنهن ملڪ ۾ اثاثا ٺهي ويا وزير ۽ صلاحڪار سرڪاري وسيلا ۽ جهنڊي واري گاڏين سان گڏ حڪمرانن کي بچائڻ ۽ ان جي خساري ۾ هلندڙ اسٽيل مل کي بيپناهه منافعي ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهن مان پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ماڻهو جي ذاتي ڪيس تي سرڪاري وسيلا خرچ ڪرڻ بدنيتي نه آهي ته ڇا آهي. اسان جو موقف اهو آهي ته حڪمران خاندان پنهنجي سرڪاري حيثيت کي ذاتي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪيون جنهن سان انهن جون فيڪٽريون مٽي مان سون ٿي ويون اهو خاندان 1970 ۾ خالي هٿين ۽ 1980 ۾ 6 ڪروڙ جو قرضي هو ته ان جا هٿ ڪهڙا علاءالدين وارو چراغ هو جو ڏسندي ڏسندي هو مٽي مان سون ٺاهڻ لڳا ۽ پوءِ ڪجهه سالن ۾ نه صرف ان جو خسارو ختم ٿيو پر چئني طرف دولت جا ڍير لڳي ويا اهو علاءالدين جو چراغ قوم کي ڏنو وڃي ته شايد اسان جا ادارا به ترقي ڪن ها ۽ ملڪ ۽ قوم تي قرضن جو ٻوجهه به لهي وڃي ها اسان جو مطالبو آهي ته حڪمران خاندان سان گڏوگڏ انهن سمورن لٽيرن جو احتساب ڪيو وڃي جن ملڪ کي لٽيو آهي ۽ بئنڪن کان قرض معاف ڪرايا آهن هن چيو ته پانامه اسڪينڊل ۾ سياستدانن بيورو ڪريسي جا وڏا وڏا نالا آهن اسان انهن جي خلاف ان وقت تائين جدوجهد جاري رکنداسين جيستائين انهن کان لٽيل قومي دولت جي هڪ هڪ پائي وصول نه ڪئي وڃي ۽ انهن کي وڏن وڏن عهدن تان ڪڍي اڍيالا جيل ۾ بند نه ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *