ختم نبوت جي معاملي کي سياست کان پري رهڻ ڏنو وڃي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر اڳوڻي وزيراعظم  نوازشريف چيو ته ختم نبوت اسانجي آئين جو اٽوٽ حصو بڻجي چڪو آهي، معاملي کي سياسي ڳالهين کان پاڪ رهڻ ڏنو وڃي، چونڊ بل ۾ غلطي ڪوتاهي جو تڪڙو ازالو ڪيو ويو آهي، معاملي کي سمورن پارليماني پارٽين جو ٿورائتو  آهيان، ختم نبوت جي معاملي تي غلط  ڳالهيون نون  ليگ جي نظرئي پاليسي سان تعلق  نه ٿيون رکن، هڪ بيان ۾ نوازشريف چيو ته مان ان ڳالهه جو ٻه ٽوڪ  اعلان ضروري ڪيان ٿو ته اسلامي جمهوريا پاڪستان جي آئين ۽ اسلامي تعليم جي  مطابق سمورن اقليتن کي جان ۽ مال سميت تي هر بنيادي حقن جو مڪمل تعاون حاصل آهي. نوازشرف چيو ته مونکي پاڪستان جي عوام ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم چونڊيون ٽئي دفعا مان ذاتي طور تي  ۽ نون ليگ جي حڪومت ٻولي رنگ، نسل مذهب ۽ عقيدي يا ڪنهن ٻئي تميز ۽ فرق کان بنا پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ اقليتن جي حَقن کي يقيني بنايو.، پاڪستان مسلم ليگ نون کي قائداعظم محمد علي جناح جي پارٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، بابائي قوم پاڪستان جي سمورن طبقن خاص طور تي اقليتن کي جنهن ڪامل مذهبي ۽ سماجي حالت  جي ضمانت ڏني هئي ان کي يقيني بنائڻ هاڻِي هڪ آئيني تقاضا  آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *