ادارن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ آهي، ترميم باوجود  نواز شريف ٻيهر وزيراعظم نه ٿي سگهندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر  جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته نوازشريف ٻيهر پارٽي جو صدر ته بڻجي ويو پر مان نه ٿو سمجھآن ته هو ٻيهر وزيراعظم بڻجندو، اسان پارليمينٽ ۽ جمهوريت سان گڏ آهيون، آچر تي سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائنيدي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي معيشت ڪنهن به صورت ۾ قرضن تي نه ٿي هلي سگھي ، معيشت جو سڀ کان اهم حصو رياست جي مضبوطي آهي ۽ ملڪ ۾ مضبوطي معيشت جي بهتري سان ايندي آهي. حڪومت مضبوط نه ٿيندي ته وڏو نقصان ٿيندو آهي. ادار ڪمزور ٿي ويندا آهن ته سسٽم ڪمزور ٿي ويندو آهي. جڏهن ته ادارن جي تڪرار سان رياست ڪمزور ٿي ويندي آهي.  هن چيو ته اپوزيشن جو ڪم حڪومت جي ڪوتاهين کي ظاهر ڪرڻ آهي. جمهوري تقاضا پارليمينٽ ۾ پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت جو مدو چار سال هجي هان ته اها ڏکيائي نه اچي هان .هن معيشت جي حوالي سان چيو ته اسان جي درآمد ۽ برآمد پهريان ڪٿي هئي ۽ هاڻِ ڪٿي آهي، پاڪ فوج به اسٽيڪ هولڊر آهي معيشت تي ڳالهائڻ ان جو به حق آهي. هن چيو ته سنڌ جي  وڏي وزير سان ڳالهه ٻول ٿي آهي صحت بابت سڌارا  آڻينداسين، سنڌ حڪومت 5 هزار نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا، سنڌ ۾ اسپتالون  ٺاهيون پيون وڃن انهن ڪمن جي لاءِ 8، 10 وڌيڪ گھرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *