آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات

دبئي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات دوران شيخ محمد بن راشد المڪتوم گڏيل عرب امارات جي ترقيءَ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي موثر ۽ هاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. جنرل قمر جاويد باجوه ۽ دبئي جي حڪمران وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران خطي ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين، سهڪار ۽ دوستيءَ کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه گڏيل امارات طرفان پاڪستان ۾ مختلف رٿائن لاءِ امدد ڏيڻ تي شيخ محمد جا ٿورا مڃا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سمورن شعبن خاص ڪري اقتصادي ۽ ثقافتي ميدان ۾ گڏيل عرب امارات جي متاثر ڪندڙ ترقيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ علائقي توڙي عالمي سطح تي متوازن پاليسين تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *