خان صاحب غير سياسي ماڻهو آهي، شريف خاندان کي مستقبل ۾ سياست ۾ نه پيو ڏسان: آصف علي زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي، پ پ ڪنهن پارٽي نه پر سدائين پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو آهي، جمهوريت کانسواءِ ملڪ جو ڪو مستقبل ناهي. لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي نواز شريف جو نه پر  جمهوريت جو ساٿ ڏنو. اسان رڳو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته ميان صاحب سان ڪڏهن به پاوا ناهن کاڌا، ڪيئن يقين ڏياريان ته هو نواز شريف سان نه پر جمهوريت سان گڏ آهن. اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف چئن سالن دوران جمهوري رويو اختيار نه ڪيو، نه ئي کائنس ڪو فائدو ورتو ويو. سندن لاهور اچڻ کانپوءِ سياسي پارو وڌي ويو آهي. آصف علي زرداري چيو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪڏهن به اهڙو سياسي بحران پيدا نه ٿيو، نه ئي ڪو سياسي قيدي هو، سياست ۾ ڪا آخري ڳالهه ناهي هوندي. هن چيو ته عمران خان  سان ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي نه ئي ٿيندي، ميان صاحب ۽ سندس خاندان جو سياسي مستقبل نظر نٿو اچي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ماڻهن کي غلط فهمي آهي ته پ پ نواز شريف جو ساٿ ڏنو هو. اسان جمهوريت سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين. هن چيو ته شريف خاندان پ پ کان رليف چاهي ٿو ته اهو نه ڏنو ويندو. اسان سدائين ان موقف تي قائم رهيا آهيون ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، پ پ نظرياتي سياست ڪري رهي آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته نواز شريف معصوم نه پر ڏوهي آهي، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪري رهيا آهيون، 19 آگسٽ تي مانسهرا ۽ 26 آگسٽ تي ايبٽ آباد ۾ جلسو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ واضح آهي ته ڪا به پابندي پيل تنظيم نالو تبديل ڪري سياست ۾ نٿي اچي سگهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *