ميثاق جمهوريت جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ سبب جمهوريت کي نقصان پهتو: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت 2013 ۾ قائم ٿي ۽ وڏو واضح مينڊيٽ هيو، پي ٽي آءِ پهرين ڌانڌلي جي رٽ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پوءِ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ميان نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، ڪراچي جو امن اسان بحال ڪيو آهي، سي پيڪ تمام بهتر انداز ۾ هلي رهيو هيو، ڌرڻي دوران سخت متاثر ٿيو، ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر بڻجي رهيو آهي، سي پيڪ زورن سان هلي رهيو هيو پر ان تي ڪم ڌرڻن سان متاثر ٿيو، هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بدحالي جو ڪير ذميدار هوندو؟، پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو، مون کي ٻڌايو ته ڌرڻو هيو ڇا جي لاءِ؟، مون کي ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟، هن چيو ته ڌرڻي جي ڪردارن جي باري ۾ بعد ۾ ٻڌائيندس، سپريم ڪورٽ پهرين پاناما جي درخواست رد ڪئي ۽ پوءِ منظور ڪري ورتي، جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورا ماڻهو اسان جا بدترين مخالف هئا، مان بطور وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيس، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پورو خاندان جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو، ڪهڙي ڳالهه جو احتساب ٿي رهيو آهي؟، شهباز شريف، مريم، حسن ۽ حسين نواز به جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا، 1972 کان احتساب ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته مون سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هنيون آهن؟، ڪي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هجن ها ته اڄ اوهان جي سامهون شرمسار ويٺو هجان ها، مان ته 70 سالن کان هن ملڪ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، مون ته ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي، اسان جي پنهنجي ڪاروباري معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهيو آهي، ستر سالن ۾ اسان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، جيڪڏهن عوام جي حڪمراني جي حق تي قائم رهون ها ته پاڪستان ڪڏهن نه ٽٽي ها، ووٽ جي گھحرمت کي جڏهن ڇڏيو ويو ته ملڪ ٽٽي ويو، ڇا اسان ماضي مان ڪو سبق ناهي سکيو؟، هن چيو ته جيڪڏهن سبق سکيو هجي ها ته پهرين مارشل لا بعد ٻيو ۽ ٽيون نه لڳي ها، ٽي مارشل لا ڊڪٽيٽر ٽيهه سال کائي ويا، هر وزيراعظم جي حصي ۾ سراسري ڏيڍ سال آيو، نواز شريف چيو ته مشرف مارشل لا لڳايو ته مشرف منهنجي خلاف هيو، فوج منهنجي خلاف نه هئي، فوج جو وڏو حصو مشرف جي قدمن جو حامي نه هيو، بنگلاديش ۾ عوام جو حق حڪمراني مڃيو ويو هجي ها ته ملڪ نه ٽٽي ها، ڇا هي عوام جي ووٽ جو احترام آهي؟، ڇا ان طرح سان ملڪ بڻجندو آهي؟ ڇا ان طرح سان قومون بڻجنديون آهن؟، فوج جو هڪ حصو منهنجي خلاف ڇو هوندو؟، مشرف ۽ ان جا ڪجهه ساٿي منهنجي خلاف هيا، باقي فوج کي ته معلوم ئي نه هيو ته مارشل لا لڳو، فوج جو وڏو حصو مشرف جي فيصلي سان متفق نه هيو، ڪجهه ماڻهن فيصلو ڪيو ۽ حڪمراني سنڀالي ورتي ۽ ووٽ کي ڦاڙي قوم جي منهن تي هنيو ويو، ووٽ جي تقدس لاءِ اسان پوري جدوجهد ڪنداسين، ووٽ جي تقدس جي جدوجهد قوم ۾ ڦهلجندي ويندي، ملڪ ۾ ووٽ جو احترام نه هيو، ان سبب ملڪ کي اهي مصيبتون ڏسڻيون پيون، قانون جي حڪمراني تي پختو يقين رکان ٿو، هن چيو ته ڪوئي جيڪڏهن قانون جي حڪمراني تي يقين نٿو رکي ته اهي ان سان اتفاق نٿا رکن، ڪجهه فوجي سربراهن سان منهنجا لاڳاپا سٺا رهيا آهن ۽ تمام سٺا رهيا آهن، مون هميشه پاڻ کي آئين مطابق رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، قانون جي حڪمراني تي هميشه يقين ڪيو آهي، حڪومت جي پاليسين جو رخ درست هئڻ گهرجي، مان انگن اکرن جي ڳالهه ڪندو آهيان، مسرف ۽ ڪجهه فريقن وچ ۾ اين آر او ميثاق جمهوريت خلاف هيو، مون اڄ تائين ميثاق جمهوريت جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، گذريل چئن سالن ۾ نظريي کان هٽي ڪري ڪو ڪم ناهي ڪيو، اسان ضبط ۽ صبر کان ڪم ورتو، اسان وڏي بردباري جو مظاهرو ڪيو هيو، عمران خان جي باري ۾ ڇا چوان، دنيا ڄاڻي ٿي، هي ڪم پنهنجي قوم لاءِ مون تي قرض آهي، مان ان لاءِ ناهيان چئي رهيو وزيراعظم جي ڪرسي تي ٻيهر اچي ويهان، هي ملڪ بدلجندو، ملڪ جو بدلجڻ ضروري آهي، وزيراعظم جي سيٽ ڪنڊن جي سيج آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ووٽ جي تقدس جي تحريڪ پوري ملڪ ۾ ڦهلجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *