پ پ قيادت جو لاهور ۾ ديرو ۽ ن ليگ قيادت جو وضاحتون

پانامه ليڪس ڪيس ۾ وزير اعظم نواز شريف جي وزارت عظميٰ تان برطرفي بعد پرڏيهه ۾ ويٺل پ پ قيادت ڏيهه پهچي وئي آهي، جنهن ميان صاحب جي شهر ۾ ئي ديرو ڄمائي ورتو آهي، جنهن سبب سياسي پارو چوٽ چڙهيل آهي، لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي نواز شريف جو نه پر  جمهوريت جو ساٿ ڏنو. اسان رڳو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته ميان صاحب سان ڪڏهن به پاوا ناهن کاڌا، ڪيئن يقين ڏياريان ته هو نواز شريف سان نه پر جمهوريت سان گڏ آهن.نواز شريف چئن سالن دوران جمهوري رويو اختيار نه ڪيو، نه ئي کائنس ڪو فائدو ورتو ويو. سندن لاهور اچڻ کانپوءِ سياسي پارو وڌي ويو آهي. اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪڏهن به اهڙو سياسي بحران پيدا نه ٿيو، نه ئي ڪو سياسي قيدي هو، سياست ۾ ڪا آخري ڳالهه ناهي هوندي. عمران خان  سان ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي نه ئي ٿيندي، ميان صاحب ۽ سندس خاندان جو سياسي مستقبل نظر نٿو اچي. اسان پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو هو ۽ جمهوريت بچائي، هاڻي جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي، هن کان اڳ اسان جي وزيراعظم کي نا اهل ڪيو ويو، اسان ٻيو وزيراعظم بڻايو. جلاوطني واري دور ۾ اسان جا لاڳاپا هئا، ان جي ترديد نٿو ڪيان، پر جيڪڏهن ڀاءُ سان  4 سالن لاڳاپا نه هجن، ان بعد فون ڪيو اهو به نه کڻي، نواز شريف هاڻي پنهنجا لفظ واپس وٺي ڇڏيا آهن پر هاڻي وقت گذري چڪو آهي.

لاهور جو سياسي پارو وڌڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف به وضاحتو پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، سندس موجب ته اُهو تاثر صحيح ناهي ته فوج جا سمورا سربراهه منهنجا مخالف رهيا يا منهنجي فوج سان نٿي بڻجي.  قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو قانون جي حڪمراني تي يقين نٿو رکي ته مان اُن سان اتفاق نٿو ڪريان. ڪجهه فوجي سربراهن سان منهنجي بڻي آهي ۽ اُهي مون سان تمام چڱا رهيا آهن. اسان جي حڪومت 2013 ۾ قائم ٿي ۽ وڏو واضح مينڊيٽ هو، پي ٽي آءِ پهرين ڌانڌلي جي رٽ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پوءِ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، ڪراچي جو امن اسان بحال ڪيو آهي، سي پيڪ تمام بهتر انداز ۾ هلي رهيو هو، ڌرڻي دوران سخت متاثر ٿيو، ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر بڻجي رهيو آهي، سي پيڪ زورن سان هلي رهيو هيو پر ان تي ڪم ڌرڻن سان متاثر ٿيو، پاڪستان جي معاشي بدحالي جو ڪير ذميدار هوندو؟، پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو، مون کي ٻڌايو ته ڌرڻو هيو ڇا جي لاءِ؟، مون کي ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟، ڌرڻي جي ڪردارن جي باري ۾ بعد ۾ ٻڌائيندس، سپريم ڪورٽ پهرين پاناما جي درخواست رد ڪئي ۽ پوءِ منظور ڪري ورتي، جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورا ماڻهو اسان جا بدترين مخالف هئا، مان بطور وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيس، پورو خاندان جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو، ڪهڙي ڳالهه جو احتساب ٿي رهيو آهي؟، شهباز شريف، مريم، حسن ۽ حسين نواز به جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا، 1972 کان احتساب ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته مون سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هنيون آهن؟، ڪي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هجن ها ته اڄ اوهان جي سامهون شرمسار ويٺو هجان ها، مان ته 70 سالن کان هن ملڪ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، مون ته ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي، اسان جي پنهنجي ڪاروباري معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي، 70 سالن ۾ اسان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *