نئين ايندڙ فلم(قُلفي) ۾ منهنجو ڪردار منفرد آهي: سعيده امتياز

 

لاهور: (شوبز نيوز)  پاڪستان جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪاره سعيده امتياز چيو آهي ته منهنجي نئين ايندڙ فلم (قُلفي) ۾ منهنجو ڪردار منفرد آهي ان کان اڳ مون اهڙو ڪردار ڪڏهن به ادا ناهي ڪيو.هن فلم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مان ان فلم جي ڪردار جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهي آهيان. هڪ سوال تي هن چيو ته مون  کي لڳي ٿو ته هي هڪ اهڙو ۽ مختلف ڪردار آهي جيڪو اڃان تائين ڪنهن به اداڪاره ادا ناهي ڪيو.فلم جي ڪاسٽ ۾ اداڪار معمر رانا، جاويد شخ، فيروز خان، ثنا فاخر ۽ حامد علي خان شامل آهن. فلم ايندڙ سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.ياد رهي ته اداڪاره سعيده امتياز ڪجهه وقت کان شوبز جي دنيا کان پري رهڻ کان پوءِ هاڻ هڪ ڀيرو وري پنهنجي نئين فلم ۾ انٽري ڏئي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *