خاص عدالت جو فيصلو غير آئيني، غيرقانوني ۽ غير شرعي آهي: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ)وزير اعظم عمران خان خاص عدالت جي فيصلي کي غير آئيني، غيرقانوني ۽ غير شرعي  قرار ڏئي ڇڏيو، تفصيل موجب اجلاس دوران وزير اعظم عمران خان چيو ته خاص عدالت جو فيصلو غير آئيني، غيرقانوني ۽ غير شرعي آهي، فيصلي ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا ماضي ۾ انهن جو مثال نٿو ملي، ملڪ ۾ ادارن ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته خاص عدالت جي فيصلي سان ملڪ ۾ انارڪي ڦهلجڻ جوخدشو آهي، دي چوڪ تي لٽڪائڻ جي ڳالهه ڪري انساني حقن جي حدن کي پار ڪيو ويو، وزير اعظم عمران خان قانوني ٽيم کي جسٽس وقار سيٺ خلاف ريفرنس  ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ وفاقي وزير فروغ نسيم کي فيصلي خلاف رد عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *