ملڪ جي دفاع سان گڏ اداري جي وقار جو دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا: پاڪ فوج

راولپنڊي(نيوز ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان خصوصي عدالت جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته فيصلي سان اهي خدشا درست ثابت ٿيا، جن جو پهريون اظهار ڪيو ويو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پرويز مشرف خلاف ٻڌايل فيصلو خاص طور تي ان ۾ استعمال ڪيل لفظ انسانيت، مذهب، تهذيب ۽ قدرن کان مٿانهان آهن. هن چيو ته وزيراعظم سان آرمي چيف ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ عدالتي فيصلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ڪجهه فيصلا به ڪيا ويا آهن، جن بابت حڪومتي ترجمان عوام کي آگاهه ڪندا. هن چيو ته ملڪ جي دفاع سان گڏ اداري جي وقار جو دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. آصف غفور چيو ته پاڪ فوج هڪ منظم ادارو آهي، اسان ملڪي سلامتي کي قائم رکڻ ۽ ان جي دفاع لاءِ پنهنجن جانيون قربان ڪرڻ جا حلف بردار آهيون. اهو اسان گذريل 20 سالن ۾ عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو ڪم جيڪو دنيا جو ڪو ملڪ، ڪا فوج نه ٿي ڪري سگهي، اهو پاڪستان ۽ پاڪ فوج عوام جي سپورٽ سان مڪمل ڪيو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ماضي ۾ ڪيترين ئي پريس ڪانفرنس ۾ جنگ جي نوعيت تي ڳالهه ڪئي ته اسان روايتي جنگ سان نيم روايتي جنگ ۽ اڄ هائبرڊ وار کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان کي جنگ جي ان تبديل ٿيندڙ نوعيت جو ڀرپور احساس آهي. جنهن ۾ دشمن، ان جي سهولتڪار، آلهِ ڪار، ان جي ڪهڙي ڊيزائين ٿي سگهي ٿي، اهي ڇا ٿا چاهين، اهو سڀ ڪجهه سمجهون ٿا. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪجهه ماڻهو اندروني ۽ ٻاهرين مسئلن ۾ منجهائي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن. هن چيو ته عوام فوج تي اعتماد ڪري، ملڪ ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان پنهنجا وڌندڙ قدم پوئتي نه هٽائينداسين، اندروني ۽ ٻاهرين دشمنن ۽ انهن جي آلهِ ڪارن کي ڀرپور جواب ڏينداسين. هن چيو ته ان استحڪام کي اسان ڪنهن به صورت ۾ رِوَرس ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *