حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق راءِ ٿيو ته ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي ڪرائي سگهجن ٿيون: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪترانڪ ووٽنگ مشين چونڊن ۾ شفافيت جو بهترين ذريعو آهي ٽيڪنالوجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائي سگهجن ٿيون چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي سان ميڪنيزم تيار ڪرڻو پوندو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اي وي ايم اليڪشن ڪميشن جا سمورا شرط پورا ڪري ٿي. وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالوجي جي حوالي سان سڄو ڪم مڪمل آهي، اي وي ايم جي استعمال سان ڌانڌلي جا امڪان گهٽ آهن. سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيو ته چونڊ نتيجا بنا دير ايندا ان ۾ اليڪٽرانڪ تريل سان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اسان جو زور ان لاءِ آهي ته هي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل ناهي هن چيو ته هي مشين موجوده پيپر بيسڊ نظام کان هڪ وک اڳتي آهي ان ۾ اليڪٽرانڪ ٽريل سان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي وفاقي وزير چيو ته عام طور تي چونڊن دوران ووٽنگ 5 وڳي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اسان کي نتيجن جي انتظار لاءِ صبح تائين انتظار ڪرڻو پوي ٿو جڏهن ته اليڪترانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان چونڊ نتيجا ترت ملندا. هن چيو ته ڌانڌلي جا امڪان به گهٽ هوندا وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊ ۾ حڪومت (ن) ليگ جي هئي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم (ن) ليگ جو هو اليڪشن ڪميشن جو سينيئر ميمبر به آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو سنڍو هو وفاقي وزير چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري به آزاد ڪشمير حڪومت پاڻ ڪئي جڏهن ته پوليس ۽ انتظاميه به ان جي تابع هئي پر جڏهن (ن) ليگ کي اليڪشن ۾ هار ٿي ته هن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي هن چيو ته آخر اهو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جو ان جا الزام ختم ٿي سگهن وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اهي اليڪشن هارائين ٿا ته چون ٿا ته ڌانڌلي ٿي ۽ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن ٿا ته چون ٿا ته چونڊون ٺيڪ ٿيون آهن ان حوالي سان هڪ مڪينزم تيار ڪرڻو پوندو جنهن سان چونڊن جي شفافيت تي سوال نه اٿاري سگهندي وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ شفافيت جو وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالوجي طرف وڌجي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالوجي جي استعمال سان چونڊن ۾ فرسٽ ورلڊ نموني شفافيت ايندي وفاقي وزير ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن 36 شرط آڏو رکيا ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪائي مشين ان 36 شرطن کي پورو ڪري ٿي ته اها اليڪشن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جيڪا نئين ٽيڪنالوجي آندي اها اليڪشن ڪميشن جا سمورا شرط پورا ڪري ٿي. اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن جي حوالي سان سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيوت ه اسٽيڪ هولڊر ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ اپوزيشن جماعتون شامل آهن هن چيو ته هي مشينون اليڪشن ڪميشن جا سمورا شرط پورا ڪري رهيون آهن جيتري قدر اپوزيشن جو تعلق آهي ته ان اڃا تائين هي ٽيڪنالوجي ڏٺي ئي نه آهي هن چيو ته اپوزيشن پهريان انهن مشينن کي ڏسي پوءِ پنهنجو فيصلو ڪري. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت 5 ڪمپنيون اي وي ايم تيار ڪري رهيون آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن جي شرطن تي پورو لهن ٿيون. هاڻي قيمت طئي ڪرڻ جو معاملو آهي ٽيڪنالوجي جي حوالي سان ڪوبه مسئلو نه آهي. ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪراڻ بابت هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان ڪوئي مسئلو نه آهي ٽيڪنالوجي جي حوالي سان ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي اسان کي مشينون خريد ڪري استعمال ڪرڻيون آهن اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ان جي ٻئي ڏينهن اي وي ايم مشينون خريد ڪرڻ شروع ڪري سگهجن ٿيون ۽ ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائي سگهجن ٿيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *