گجرانوالا وين ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، 10 ڄڻا اجل جو شڪار

گجرانوالا (اين اين آءِ) گجراونالا ۾ وين ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سان ٽن ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا بدقسمت وين راولپنڊي کان گجرانوالا وڃي رهي هئي، منزل تي پهچڻ کان اڳ راه والي ويجهو وين کي مني ٽرڪ جو ٽڪر لڳو جنهن سان وين جي پوئين حصي ۾ رکيل گئس سلينڊر ڦاٽي پيو باهه سڄي وين کي وڪوڙي وئي حادثي کان پوءِ ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور فرار ٿي ويا. جيڪي اڃا تائين فرار آهن. فوتي 10 ماڻهن مان 6 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي. حادثي ۾ فوتي ماڻهن ۾ اسلام آباد جي رهواسڻ عورت ۽ ان جي 7 ورهين جو پٽ به شامل آهي جڏهن ته عورت جو مڙس باهه سان سڙي زخمي ٿيو آهي. باهه مانسره جي هڪ ئي گهراڻي جي چئن ڄڻن جون حياتيون اجهائي ڇڏيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *