نواز شريف ڀٽي جھڙو ليڊر ناھي، سي پيڪ ۾ رنڊڪ کي ڪنھن بھ قيمت تي قبول نھ ڪيو ويندو:  شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد واضح ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف وٽ 2 آپشن آهن. اپيل ڪري يا پناهه وٺي ليڊر اهو هوندو آهي جنهن جو مرڻ جيئڻ پنهنجي ملڪ سان هوندو آهي نوازشريف کي به واپس اچڻ گهرجي، ڀارت ۽ اسرائيل گڏجي پاڪستان جي خلاف سازش ڪن ٿا. وقت جي گهرج آهي ته اسان متحد ٿي مقابلو ڪريون جيڪي ماڻهو هن ملڪ ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو نار وارن ملڪن ۾ منظور ٿيل ويڪسينز جي بوسٽر شاٽ جي داخلا لاءِ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي جو نئون سرٽيفڪيٽ متعارف ڪرايو ويندو اسلام آباد ۾ تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ 2000 پوليس اهلڪار ڀرتي جي درخواست ڪئي اهي جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ هڪ هزار ۽ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ هڪ هزار اهلڪار رکيا ويندا ڪرونا سبب 14 آگسٽ لال حويلي تي آتش بازي نه ٿيندي. سومر تي هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته جن ماڻهن چيني ويڪسين ڪرائي آهي. جيڪا نار وارن ملڪن ۾ قبول نه آهي انهن لاءِ هلندڙ هفتي نادرا جو نئون سرٽيفڪيٽ متعارف ڪرايو ويندو جنهن ۾ واڌو ويڪسين درج ڪرڻ جي گنجائش هوندي خيال رهي ته سعودي عرب جي سياحتي ويب سائيٽ مطابق سائنو فارم يا سائنو ويڪ ويڪسين جون ٻئي خوراڪون ڪرائيندڙ پرڏيهين کي منظور ٿيل چئن مان ڪنهن هڪ ويڪسين جو بوسٽر شاٽ لڳرائڻ کان پوءِ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. سعودي عملدارن پاران ملڪ ۾ ايندڙ ماڻهن لاءِ آڪسفورڊ/ ايسٽرا زينيڪا، فائيزر/بائيو اين ٽيڪ يا موڊرنا ويڪسين جي منظوري ڏني هئي. گهرو وزير چيو ته ڀارت اين ڊي ايس ۽ اسرائيل گڏجي جيڪي پاڪستان جي خلاف سازش ڪن ٿا ان ڳالهه جي گهرج آهي ته اسان کي گڏجي انهن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن ملڪ جي بدنصيب اپوزيشن کي سمجهه ناهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ هن خطي جي ڇا صورتحال هوندي ۽ اهو چوڻ ته ڪنهن کي گرفتار ڪيو ته هيئن ٿي ويندو ڪجهه نه ٿيندو، پنهنجي ڪوشش پاڻ ڪريو قانون پنهنجي جڳهه تي آهي جنهن جي ڀڃڪڙي تي قانون لاڳو ٿيندو. هڪ سوال تي هن چيو ته سي پيڪ ۾ ڪنهن رنڊڪ کي ڪنهن قيمت تي قبول نه ڪيو ويندو، قوم سي پيڪ سان بيٺي آهي. قوم ڪشمير جي جدوجهد سان گڏ بيٺي آهي سي پيڪ ۽ ڪشمير لاءِ قوم متحد آهي هن چيو ته اسلام آباد ۾ 1122 سروس شروع ڪري رهيا آهيون وزيراعطم جلد ئي ريسڪيو 1122 جي 20 گاڏين جو افتتاح ڪندو هڪ سوال تي هن چيو ته جنهن سان گڏ آهيان ان سان گڏ بيٺو آهيان. جيڪو سياسي ويڙهه وڙهندو مان عمران خان سان گڏ بيهي ان جو مقابلو ڪندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *