حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي کي پاڪستان واپس آڻڻ جو معاملو آمريڪي اختيارين آڏو کنيو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۾ قونصل جنرل سان ملاقات کان پوءِ اتي قيد پاڪستاني شهري ڊاڪٽر عافيه صديقي پنهنجي آزادي جي لاءِ اپيل داخل ڪرڻ جتي راضي ٿي وئي آهي. سينيٽ ۾  سوالن واري وقفي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان جمع ڪرايا ويا لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي کي پاڪستان واپس آڻڻ جو معاملو آمريڪي اختيارين آڏو کنيو. سندس چوڻ هو ته هوسٽن ۾ قونصل جنرل 18 اپريل 2019ع تي ڊاڪٽر عافيه صديقي سان آخري ملاقات ڪئي آهي، ان ملاقات ۾ عافيه صديقي آزادي لاءِ اپيل داخل ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته آمريڪي عدالتي نظام جي موجب اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو رڳو عافيه صديقي ئي ڪري سگهي ٿي. گڏوگڏ ئي اِهو به ٻڌايو ويو ته هوسٽن ۾ قونصل جنرل عافيه صديقي سان ملاقات ڪندو آهي جيئن سندس صحت معلوم ڪري سگهجي ۽ سندس پيغام وارثن تائين پهچائي سگهجي. ان دوران پارليماني معاملن بابت وفاقي وزير اعظم سواتي چيو ته اسان جي حڪومتي سميت هر حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جو ڪيس آمريڪا جي آڏو هر سطح تي کنيو آهي. هن چيو ته منهجي ٻار ۽ ڀيڻوو آمريڪا ۾ ڊاڪٽر عافيه  صديقي جي ڪيس تي ڪم ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير طرفان ڏنل لکت واري جواب ۾ سينيٽر طلحه محمود چيو ته اسان جي ڪميٽي آمريڪا ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ملاقات ڪرڻ وئي هئي، ان ڪيس جي حوالي سان ڪجهه ناهي ٿي رهيو. هن سينيٽ ۾ درخواست ڪئي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت ڪيس لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. ان کان سواءِ پرڏيهي وزير طرفان جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ اِهو به ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب جي العصا جيل ۾ 88 پاڪستاني قيد آهن، جنهن مان 46 کي سزا ملندي جڏهن ته 42 ڪيس ٻڌني هيٺ آهن. هن ٻڌايو ته جيل ۾ 9 پاڪستاني پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا آهن پر ڏنڊ جي عدم ادائيگي جي ڪري آزادي جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ جي ڪري حڪومت ايوان ۾ اڪثريت نه رکڻ جي باوجود اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سينيٽر اعظم سواتي طرفان اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ان بل جي اهميت کي نظر ۾ رکندي بل کي فوري منظور ڪيو وڃي. اعظم سواتي جو چوڻهو ته بل اڳوڻي ايف آر علائقن تي ٻڌل هڪ تڪ بڻائڻ بابت آهي، بل قومي اسيمبلي مان گڏيل طور تي منظور ٿي چڪو آهي. ان تي سينيٽ چيئرمين بل جي شق وار ايوان مان منظوري ورتي، پر انهيءَ دوران سينيٽر غوث نيازي طرفان ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. پرسينيٽ چيئرمين غوث نيازي جي ڪورم جي نشاندهي نظرانداز ڪري ڇڏي. بعد ۾ بل جي منظوري بعد سينيٽ چيئرمين جو غوث نيازي سان مڪالمو ڪيو ته  ته توهان ڪجهه چئي رهيا هئا، پر بل جي ريڊنگ دوران ڪورم جي نشاندهي نٿي ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *