بلاول آءِ ايم ايف بابت پريشان نه ٿئي، بلاول ۽ ايان علي جو جوائنٽ اڪائونٽ ڇا حسن اتفاق آهي؟: فردوس عاشق اعواڻ : فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول آءِ ايم ايف بابت پريشان نه ٿئي، سنڌ حڪومت جي مالي گهوٻين ۽ صوبائي خزاني تي ڌاڙو هڻڻ جو جواب ڏئي، بلاول سنڌ ۾ ايڊز ۾ ورتل ماڻهن ۽ سندن خاندانن کي دلجاءِ ڏيڻ ڇو نه ويو، اربع تي فردوس عاشق اعواڻ بلاول ڀٽو جي ميڊيا ٽاڪ تي رد عمل ڏيندي چيو ته وفاق پاران ڏنل اربين رپيا هڙپ ڪري اوڳرائي نه ڏيندڙ وفاق سان ڪهڙي ڳالهه جي شڪايت ڪري رهيا آهن، هن چيو ته لانچن ۽ گهرن مان جيڪي پيسا هٿ آيا اهي قوم جا پيسا آهن، اهي واپس ڪرڻا پوندا، هن چيو ته ٻئي سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کي دوکو ڏيڻ جي تاڙ ۾ رهن ٿيون جنهن جو پهريان داع لڳي وڃي، ٻيو روئيندو رهي ٿو، فردوس عاشق اعواڻ بلاول ڀٽو پي اي سي جي چيئرمين جي حوالي سان بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته اعليٰ ادارن ۾ خدمتون ادا ڪندڙ ذهين پاڪستانن لاءِ ملڪ جا دروازا بند نٿا ڪري سهگجن، هن چيو ته عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ صلاحيتن جو قدر ڪيو وڃي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بلاول ڀٽو جواب ڏئي ته سندس ۽ ايان علي جو جوائنٽ اڪائونٽ ڇا حسن اتفاق آهي، هن چيو ته بي رحمي سان قوم کي لٽيندڙ اڄ واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن انهن پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بک، بيروزگاري ۽ بيماري کي سنڌ جي عوام تي مڙهيو.

وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوامي مفاد جي قانونسازي ٿيڻ ضروري آهي، ميڊيا اپوزيشن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪرڻ ڏئي، پي آر اي جي حلف کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ٿيندي، انتظام ڪيا ويا آهن، سياست ۾ عورتن اڳيان ڪافي چئلينجز آهن، اربع تي فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ جي پريس گيلري جو دورو ڪيو، صدر بي آر اي بحزاد سليمي ۽ ٻين عهديدارن خاص مددگار جي آجيان ڪئي، خاص مددگار نون چونڊيل پارلياماني رپورٽرز ايسوسئشن جي عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته 10 سالن جو سلسلو 2013 کانپوءِ ڪٽجي ويو جيڪو ٻيهر شروع ٿيو آهي، هن چيو ته جمهوريت ۾ اظهار جي آزادي سڀني جو حق آهي، ميڊيا جي حقن جي ذميواري مون کي ڏني وئي آهي، مون کي جتي ذميواري ڏني اتي مون کي اختيار مليو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايت مان هتي آئي آهيان، مون کي اختيار توهان جي حقن کي تحفظ ڏيڻ جو ڏنو ويو آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، هن چيو ته سڌ سماءَ جي وزارت جو ڪم ئي صحافين کي سهولتون ڏيڻ آهي، هن چيو ته پارليامان اندر وقت قيمتي آهي، هڪ هڪ منٽن تي لکين رپيا خرچ ٿين ٿا، هن چيو ته سياست ۾ عورتن کي ڪافي چئلينجز آهن، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عورتن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوي ٿو، هن چيو ته ميڊيا ۾ پگهارون نه ملڻ واري معاملي تي مالڪن سان ملاقات ڪري رهي آهيان، هن چيو ته ڪوشش آهي ته رمضان شريف ۾ صحافين جا مالي مسئلا حل ٿي وڃن، هن چيو ته اصل طاقت ته ورڪنگ جنرلسٽس آهن، هن چيو ته پي بي اي وڌيڪ چئلنجز جي لائسنس جي نيلامي تي عدالت ۾ وئي آهي، پي بي اي کي درخواست واپس وٺڻ جي درخواست ڪنداسين، هن چيو ته جيڪو چئنل پرفارم ڪندو اهو هلندو رهندو ۽ جيڪو نه ڪندو اهو پوئتي رهجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *