حڪومت ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو واڌ جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي واري وزير سينٽر محمد اسحاق ڊار ڊالر جي قيمت ۾ هٿرادو واڌ جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سياسي حالتن سبب نه پر ادارن ۽ ماڻهن ۾ رابطن جي کوٽ غلط فهمي ۽ هٿرادو قدم هيا مون سميت ڪو به ماڻهون انفرادي طور تي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ وارو ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگھي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي مقرري وزيراعظم جي ڏيهه واپسي تي ڪئي ويندي. اسٽيٽ بينڪ وٽ 16 ارب ڊالر ۽ ٻين بينڪن وٽ 5 ارب ڊالر جا ذخيرا موجود آهن. مصنوعي طريقي سان ڊالر جي اگھه ۾ ڦيرڦار ڪرڻ حڪومت جي ڪا به اهڙي پاليسي نه آهي. خميس تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ڊالر جي قيمت ۾ هٿرادو واڌ جو نوٽيس وٺندي تڪڙو اعليٰ سطح جو اجلاس طلب ڪري ورتو جنهن ۾ ڊالر جي اگھه ۾ مضبوطي آڻڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ فنانس سيڪريٽري به هيو، اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٿورڙن ئي ڪلاڪن ۾ ڊالر جي اگھه ۾ ساڍا ٽي روپين جي هٿرادو واڌ ٿي جيڪو اسان لاءِ وڌيڪ حيران ڪندڙ هيو، شروع تاثر مليو ته شايد سياسي صورتحال سبب لاها چاڙها ٿيا آهن. پر ان جو ڪوبه سبب نظر نه آيو. پهريان مان سمجھو هيس ته سياسي حالتن سبب افواهن مان ائين ٿيو آهي پر جڏهن وڌيڪ تفصيل گڏ ڪئي ته فوري طور تي بينڪن جي اڳواڻن سان اجلاس جو فيصلو ڪيو، منهنجي ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ذميوارن سان ميٽنگ ۽ انهن جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ تقريب هئي نه ته مان پاڻ ڪراچي هليو وڃان هان، جڏهن ته ان ڪم ۾ هڪ ڏينهن جي به دير ملڪ جي مفاد ۾ نه هئي، انهيءَ سبب فوري طور تي سمورين بينڪن جي ذميوران کي هتي گھرايو، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي مقرري نه هجڻ سبب ڊپٽي گورنر کي گھرايو، جڏهن ته ان سان گڏ هيڊ آف ٽريزي کي گھرايو. هن چيو اها ملاقات تمام سٺي رهي. فاريڪس ايسوسي ايشن جي عهديدارن جو به ٿورائتو آهيان، جن موقف اختيار ڪيو ته هو ان هٿرادو واڌ جا ذميوار نه آهن. هن چيو ته اها منهنجي ذاتي نه پر پاڪستان جي مفاد جو مسئلو آهي ان جي جاچ ڪرائي ويندي. ڪنهن به ماڻهون وٽ ايترو وڏو اختيار نه آهي ته هو ايتري وڏي هٿرادو ايڊجسٽمينٽ ڪري. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ وٽ 16 ارب ڊالر ۽ ٻين بينڪن وٽ 5 ارب ڊالر جا ذخيرا موجود آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي ان لاءِ ڊالر جي اگھه ۾ اوچتو واڌ حيران ڪندڙ هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *