ننڍڙو جواب ڏيڻو هيو ته لنڊن فليٽس ڪنهن جي ملڪيت آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀ چون ٿا هڪ خاندان خلاف سازش ٿي، ڪالهه جيڪو ڊرامو ڏٺو ، ان لاءِ لفظ ناهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاناما ليڪس جو انڪشاف موزيڪ فونسيڪا جا ڪمپيوٽر هيڪ ٿيڻ سبب ٿيو، سواءِ جواب ڏيڻ جي ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهايو ويو، شروع ۾ چيو ويو ته سڀ ڪاغذ آهن، سڀ ثبوت آهن، هن چيو ته برطانيا جي وزيراعظم فوري طور پارليامينٽ ۾ وضاحت پيش ڪئي ۽ ڪليئر ٿي ويو، مون 1998 ۾ انهن جي فليٽ سامهون مظاهرو ڪيو ته مني لانڊرنگ مان خريد ڪيا ويا آهن، حسين نواز ٽي وي تي چيو، اهي فليٽس اسان جا آهن، عمران خان چيو ته ننڍڙو جواب ڏيڻو هيو ته فليٽس ڪنهن جي ملڪيت آهن، جيڪڏهن مريم مالڪ آهي ته مطلب آهي، فليٽس 1993 ۾ ئي ورتا ويا، ان جو مطلب آهي ته فليٽس 1993 ۾ نواز شريف جي پئسن مان ورتا ويا، اوهان کي رڳو چئن محلن جي اصل مالڪن جا ڪاغذ ڏيکارڻا آهن، عمران خان چيو ته اڃا تائين انهن مني ٽريل ناهي ڏيکاري، ڪو دستاويز نه هيو ته قطري خط اچي ويو، هن چيو ته انهن جو سڄو ڪاروبار اقتدار ۾ اچي بڻيو آهي، ايترو عوام نڪرندو، جيترو تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي نڪتو، پاناما پيپرز ۾ سڄي دنيا جي اڳواڻن جا نالا آيا، پاناما عالمي انڪشاف هيو، شهباز شريف جو حديبيه پيپر ملز ۾ نالو آهي، شهباز شريف اوهان نه بچندئو، عمران خان چيو ته ڏوهه نواز شريف جو آهي، جنهن ٻارن جي نالي تي چوري جي پئسن مان ملڪيت بڻائي، اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس سياسي بنيادن تي داخل ڪيو ويو آهي، معاملو 10 جولاءِ جي ويجهو پهچي چڪو آهي، سڄو ماحول بڻجي ويو آهي، قطري کي انهن 200 ارب رپين جو ڪانٽريڪٽ ڏياريو، تلور جو شڪار ڪرڻ لاءِ ته قطري شهزادا اچي ويندا آهن، باقي هاڻي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ جي آءِ ٽي قطر ڇو وڃي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *