پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت روزگار فراهم ڪندي آهي پر روزگار کسيندي ناهي: ناصر حسين شاھ

ڪراچي(اسٽاف رپوٽر): سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پنهنجي آفيس ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر شورو انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزير، پورهئي کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، صنعت واري سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري آصف ميمڻ، پورهئي کاتي جي نمائندن، سنينئر مزدور اڳواڻ حبيب الدين جنيدي، سنڌ رينيو بورڊ جي چيئرمين کان علاوه بورڊ جي آفيسرن ۽ ايمپلائيز جي نمائنند به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ورڪرز ويلئفير بورڊ جا صوبائي معاملا ٿيڻ کان پوءِ هي ستون اجلاس منعقد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ پورهيتن جي ٻارن لاءِ مختلف تعليمي ۽ صحت ۽ ٻين سهولتن لاءِ جامع پيڪيج ترتيب ڏنو آهي جيڪي معاملا وفاقي نوعيت جا هئا هاڻ ۽ صوبائي پروجيڪٽ هجڻ ڪري التوا ۾ پيل هئا انهن کي به نمٽائڻ لاءِ مختلف فيصلا ڪيا ويا آهن، ڪيترن ئي سالن کان مستقل نه ٿيندڙ ملازم جن جي ڪارڪردگي لاءِ وفاقي حڪومت جي خصوصي ٽيم سفارشون ڪيون کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي 2011 کان انهن کي پڪو ڪيو ويندو. خالصتن ميريٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت روزگار فراهم ڪندي آهي پر روزگار کسيندي ناهي. پورهيتن لاءِ به جامع پروگرام ترتيب ڏنو آهي. پورهيتن جو پئسو پورهيتن ۽ انهن جي خاندانن تي خرچ ڪيو ويندو ۽ ڪا به سفارش قبول نه ڪئي ويندي ڇو ته ان بورڊ ۾ پورهيتن ۽ مالڪن جي نمائندن جي ڀرپور نمائندگي آهي جنهن جي ڪري انهن جي حقن جو ڀرپور تحفظ يقيني بڻايو ويو آهي ته جيئن انهن جو معيار زندگي وڌيڪ بلند ٿي سگھي ۽ غربت ۾ ڪمي آڻي سگھجي. بلاول ڀٽو زرداري به پورهيتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ واضع هدايتون ڏنيون آهن اهي ادارا سوشل سڪيورٽي ورڪرز ويلفيئر بورڊ، پورهئي کاتي ۾ به انهن جي حقن ۽ سهولتن جو ڀرپور نيٽورڪ ڪم ڪري رهيو آهي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي ماڻهون نيب قانون جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن اهي خود ان ۾ ملوث آهن ۽ تنقيد ڪندا هئا هاڻ اسان ڪو سٺو قانون آڻڻ جي ڳالھ ڪئي آهي ان کي خراب سڏيو پيو وڃي ڇو ته پاڪستان پيپلز جي هر سٺي ڪم ۾ غلطيون ڪڍڻ مخالفن جي پراڻي عادت آهي. اسان بهتر قانون ۽ سڀني سان انصاف ڪرڻ چاهيون ٿا هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال کان پهرين ته نعمت الله خان صاحب جيڪا ترقي ڏياري ان جو جواب ڏين. انهن پاڻ دهشتگردن کي پنهنجي چو طرف ويهاريو آهي ڪراچي جي ماڻهن انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي هاڻي انهن جي سياست نه هلندي، ملين مارچ جي دعوا ڪندا آهن پر 2 اڌائي هزار ماڻهن سان سياست نه هلندي. هن چيو ته مخالفن کي هاڻ ڪراچي ياد آئي آهي جڏهن ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. ڪراچي جي ادارن کي تباھ ڪندڙ هاڻي ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهن جا ملڪي ادارن تي الزام الارمنگ صورتحال آهي هاڻي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪن هاڻ انهن جي دور جون انڪوائريون ٿينديون. شادي هال بڻايا ويا چائنا ڪٽنگ ڪئي انهن کي انهن الزامن کان پوءِ لنڊن ۾ بند ڪيو ويو هو بوکلاهٽ جو شڪار آهن. هن مريم نواز جي پيشي بابت چيو ته هاڻ اسان کي اهو سٺو نٿو لڳي ته انهن جي عورتن جي پيشي ٿئي هوءَ اسان جي ڀيڻ ۽ ان لاءِ احترام آهي پر اهو وقت ياد ڪري جڏهن بي بي شهيد وزير اعظم هوندي به عدالت ۾ پيش ٿي اها وڊيو ڏيکاري وڃي ميڊيا خود سهڪار ڪري شرجيل ميمڻ جو نالو ملڪ کان ٻاهر هوندي به اي سي ايل ۾ وڌو ويو. سنڌ نيب جي بل تي صححيون نه ڪندا پر انهن کي صححيون ڪرڻ گھرجن ڇو ته اسيمبلي ۾ ٻيهر بل پيش ٿيندو. سپريم ڪورٽ جو فيصلو سڀني کي سمجھ ۾ ايندو آهي ڇا اچڻ وارو آهي؟ شاھ محمود قريشي لاءِ ذاتي طور تي احترام آهي پر هو هوا ۾ ڳالهائي رهيو آهي. صرف وزارت جي چڪر ۾ پارٽي ڇڏڻ ڪهڙي ڳالھ آهي؟ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت پاور پلانٽ لڳايا ويا انهن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ٿيو ڪنهن کي به ذاتي فائدو ناهي ڏنو ويو عوام جي تڪليفن ۽ ڪراچي جي عوام کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان نجات ڏيارڻ لاءِ پاور پلانٽ مقامي سطح تي لڳايا ويا. آصف علي زرداري جو دوست هجڻ ڪو ڏوھ ناهي پسند نا پسند هجڻ گھرجي پردي پٺيان پنهنجا ماڻهون جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائيڻ چاهين ٿا. بينظير ڀٽو شهيد کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو. اصل ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي به ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *