حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ رپيو 79 پئسا في ليٽر لاٿ ڪري ڇڏي، وزير اعظم منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم ڊويزن اختيارين موجب آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي سمري وصول ٿي آهي، جنهن جي منظوري سان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 2 رپيا في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.اوگرا پنهنجي سمري ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم ليوي ۾ واڌ نه ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. سمري ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا في ليٽر تائين گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نين قيمتن جو اعلان اڄ ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *