تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو فيصلو غير دانشمنداڻو آهي، حڪومت دانشمندي کان ڪم وٺي: مفتي منيب الرحمان

ڪراچي (اين اين آءِ) مفتي اعظم پاڪستان مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جو نعرو هڻندڙن تي سڌيون گوليون هلايون ويون اسان شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو فيصلو دانشمنداڻو نه آهي حڪومت عقل مان ڪم وٺي سمورن گرفتار ڪيلن کي بنا شرطن جي آزاد ڪري موجوده صورتحال جا ذميوار تحريڪ لبيڪ سان معاهدو ڪندڙ وفاقي وزير آهن ڇا کين معاهدو ڪرڻ وقت ان جي اثرن ۽ نتيجن جو اندازو نه هو ڇا انهن معاهدو ڪرڻ کان پوءِ تحريڪ لبيڪ جي قيادت کي ڪنهن مناسب حل تائين اچڻ لاءِ راضي ڪيو معاهدي ۾ حڪومت اها ذميواري قبول ڪئي ته هو ان مسئلي کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪندا جيڪڏهن حڪومت ۾ باقاعده سرڪاري ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي همت نه هئي ته ڇا هڪ وچيون رستو اهو نه پئي نڪري سگهيو ته اهي پنهنجي ڪنهن پارليامينت ميبر جي ذريعي هن عنوان تي هڪ پرائيويٽ ٺهراءُ پارليامينٽ ۾ آڻين ها ان کان پوءِ اهي پارليامينٽ تي دارومدار هجي ها اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ علامه پير سيد حسين الدين شاهه، مولانا بشير فاروق قادري، علامه سيد مظفر حسين شاهه، مفتي عابد مبارڪ المدني، علامه رضوان احمد نقشبندي مفتي محمد الياس رضوي اشرفي، مولانا ريحان امجد نعماني، صاحبزاده افضل مصطفيٰ هزاروي ۽ حاجي محمد رفيق برڪاتي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو مفتي منيب الرحمان چيو ته لبيڪ يا رسول الله جو نعرو هڻندڙن تي سڌيون گوليون هلايون ويون آهن مختلف ذريعن سان ماڻهن ٻڌايو ته کوڙ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو سخت زخمي آهن دنيا جي اها روايت آهي ته جيڪڏهن مظاهرو ڪندڙن ۽ احتجاج ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ اڻٽر طور تي گولي هلائڻي پوي ته جسم جي مٿين حصي تي نٿي هلائي وڃي هيٺين حصي تي هلائي وڃي ٿي ته جيئن مو جو سبب نه بڻجي پر سوشل ميڊيا تي جيڪي تصويرون وائرل ٿيون آهن ان مان ڄاڻ ملي ٿي ته گوليون مظاهرو ڪندڙن جي جسم جي مٿين حصي تي هلايون ويون آهن جنهن جي حڪم تي گوليون هليون آهن ۽ جن هلايون آهن هي سب الله تعاليٰ جي عدالت ۾ جوابده هوندا اسان شهيدن جي وارثن کي صبر جي هدايت ڪيون ٿا ۽ جيڪي پوليس جا مارجي ويا انهن جي وارثن سان به همدردي جو اظهار ڪيون ٿا هن چيو ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي اهو دانشمداڻو نه آهي ان جا هاڪاري اثر پوندا ماضي ۾ ڪالعدم قرار ڏيندڙ تنطيمون متبادل نالن سان ميدان عمل ۾ موجود
آهن اوهان حڪومت جي طاقت ۽ قانون جي ڏاڍ سان ماڻهن جي فڪر ۽ مذهبي نطرين کي تبديل نٿا ڪري سگهو معاملن کي بهتر صورتحال تي آڻڻ لاءِ حڪمت ۽ ڏاهپ جي ضرورت هوندي پر اسان جي حڪومت ۽ حڪمرانن ۾ اها صلاحيت نه آهي انهن ويجهو حڪومت صرف ڏاڍ طاقت کي استعمال ڪرڻ ۽ ٻين کي پنهنجي ڀيٽ ۾ حقير ڄاڻڻ جو نالو آهي هنن مان خير جي اميد نه آهي اسان انهن ظلمن ۽ حڪمت جي اهڙي ڪڌي عمل جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪيون ٿا هاڻي به وقت آهي ته حڪومت دانشمندي مان ڪم وٺي سڀني گرفتار ڪيلن کي بنا شرط آزاد ڪري ٻي صورت ۾ انهن سمورن خاندانن ۾ حڪومت جي خلاف نفرت وڌندي. تحريڪ جي سربراهه علامه حافظ سعد حسين رضوي ۽ ان جي شوريٰ جي ذميوارن کي آزاد ڪري انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ته جيئن آهستي آهستي صورتحال کي معمول تي آڻي سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *