حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. گهرو وزارت تحريڪ ليبڪ پاڪستان تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردي روڪ ايڪٽ 1997 تحت تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، ٽي ايل پي ملڪ ۾ ماڻهن کي اڪسائي انتشار پيدا ڪرڻ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ ۾ ملوث آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *