حڪومت پاران تيل اگهن ۾ 3 روپيا گهٽتائيءَ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) حڪومت تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي شين ۾ گهٽتائي کانپوءِ حڪومت پاڪستان به تيل واري شين ۾ لاٿ آڻي ڇڏي آهي جڏهن ته اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته وفاقي حڪومت ڏهه عرب ڊالرن جو اضافي ٽيڪس مڙهي ڇڏيو آهي جنهن کنپوءِ پيٽرول۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل صرف 3رپين تائين سستي ڪرڻجو اعلان ڪيو آهي،اوڳرا پاران موڪليل سمري جي مطابق هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7رپيا 60 پئسا پيٽرول جي قيمت ۾ 6رپيا 14پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان هيو پر صرف 3رپيا سستو ڪيو ويو،3رپيا گهٽتائي کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 82 رپيا 05پسئسا في ليٽڙ، جڏهن ته پيٽرول جي نئين قيمت 73رپيا 76 پئسا ٿي وئي آهي،گذريل مهيني به پئترل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 3 پئسا مٽي جي تيل قيمت ۾ 4رپيه 83پئسا  لائيٽ ڊِيزل جي قيمت ۾ 4رپيا 92 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيه 6پئسا في ليٽر سستائي جو اعلان ڪيو هو   ياد رهي ته ملڪ جي اندر هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ پيٽرول سان تيل سب کان وڌيڪ استعمال  ڪيو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *