سياسي پارٽين جو مطالبو رد، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن پاران استعيفائون نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز، هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي پارٽين جي مطالبن کي رد ڪندي استعيفائون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان ڪجهه دير ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ جو به امڪان آهي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرز پاران پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي مطالبن کانپوءِ استيعفائن واري معاملي تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب، مشاورت ۾ سنڌ جي ميمبر جسٽس رٽائرڊ روشن عيساڻي، پنجاب جي رياض ڪياني، خيبرپختونخواهه جي شهزاد اڪبر ۽ بلوچستان پاران جسٽس رٽائرڊ فضل الرحمان شرڪت ڪئي. ذريعن موجب، مشاورت بعد اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز پاران اصولي تي عهدن تان استعيفائون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي دٻاءَ تحت هـُو استعيفائون نه ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرز ان حوالي سان ڪجهه دير ۾ ميڊيا کي بريفنگ پڻ ڏئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *