جيڪڏهن احتساب ۽ ڪاروايون هڪ طرفيون ٿينديون ته پوءِ برداشت ڪرڻ به ڄاڻون ٿا ۽ جدوجهد ڪرڻ به ڄاڻون ٿا: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته  سنڌ حڪومت احتساب کان نه ٿي گهٻرائي ۽ نه ئي احتساب جي خلاف آهيون پر احتساب بنا فرق جي سڀني جي خلاف ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهناحتساب ۽ ڪاروايون هڪطرفيون ٿينديون ته پوءِ برداشت ڪرڻ به ڄاڻون ٿا ۽ جدوجهد ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪائونسل آف نيوزپيپرز ايڊيٽرز سان ميٽ دي ايڊيٽرس جي موقعي تي خطاب ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي سي پي اين جي قائم مقام صدر الياس شاڪر، سڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ، قاضي اسد عابد، عامر محمود , سميت ٻيا پڻ موجود هيا. نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته ڪجهه ڌرين کي ڪالاباغ ڊيم اڏڻ ياد اچي ٿو ۽ ڪرپشن جي ڳالهه اچي ٿي ته پوءِ صرف اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪرپشن صرف سنڌ ۾ آهي جيڪو تاثر غلط آهي. هن چيو ته ڇا اهڙو تاثر ڏيندڙن کي پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪرپشن ڇو نه ٿي نظر اچي جو صرف سنڌ کي نشانو ٺاهيو پيو وڃي ڇا سنڌ کي پاڪستان ٺاهڻ جي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ڇا پنجاب حڪومت ۾ ان ڪري ڪاروائي نه پئي ٿئي ڇاڪاڻ جو پنجاب حڪومت وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڀاءُ جي آهي. هن چيو ته ڇا واپڊا، پي آءِ اي سميت ٻين وفاقي ادارن ۾ ڪرپشن ناهي ۽ انهن ادارن جي خلاف ڇو نه ٿي ڪاروائي ڪئي وڃي. نثار احمد کهڙو چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب وفاقي ادارن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ آهن پر شيڊول فورٿ ۾ ترميم ڪرن کان پوءِ کين هر هنڌ ڪاروايون ڪري رهيا آهن پر کين عدالت وانگر بنا اجازت پاڻمرادو نوٽيس تي ڪاروايون جا اختيار نه آهن جو هو صوبي جي مرضي بنا اهڙيون ڪاروايون ڪري رهيا آهن ۽ انهن ادارن جي پاڻمرادو ڪاروايون تي سنڌ کي اعتراض آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ رينجرز سالن کان آهي ۽ سالن کان هن شهر جو حالتون خراب رهيون جن حالتن کي بهتر ڪرڻ ۽ امن امان جي قيام لاءِ جمهوري ادارن جي هوندي فوجي عدالتن کي پڻ تسليم ڪيو آهي ۽ اسين ادارن جي آئين ۽ قانون جي توازن جي حق ۾ آهيون. هن چيو ته سڀني مسئلن جو مستقل حل جمهوريت ۾ آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت اڳتي هلندي ته عوام جو جمهوريت ۽ رياست ۾ اعتماد وڌندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران رائيٽ آف انفارميشن جو قانون آڻڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تي سي پي اين اي کان پڻ تجويزون ورتيون وينديون جنهن کان پوءِ منظوريءَ لاءِ سنڌ ڪابينا ۽ پوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته اشتهارن ۾ ميرٽ جو خيال رکڻ سان گڏوگڏ ننڍين اخبارن جي ادارن کي پڻ گڏ کڻي هلنداسين جن جا حقيقي طور تي ادارا موجود آهن ته جيئن ڪو به ادارو بند نه ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *