وزيراعظم کان عهدو ڇڏڻ جو مطالبو، بجيٽ ۾ عوام لاءِ  ڪو رليف نظر نه پيو اچي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي منتقلين ۾ تقريباً 140 ارب رپين جو شارٽ فال سبب صوبائي حڪومت صوبي جي غريب ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ريليف ڏيڻ جي حوالي سان وڏي ڏکائين کي منهن ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه اڄ علامه عباس ڪميلي جي رهائش گاه سولجر بازار ۾ ڪٽنب واسين سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چئي. صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ ۽ کيس معاون خاص راشد رباني پڻ ان سان گڏ هئا. هن چيو ته وفاقي حڪومت جون ۾ هڪ خط ذريعي سنڌ حڪومت کي ٻڌايو ته هو هلندڙ مالي سال ۾ 666 ارب رپيا ڏيندي پر اسان (صوبائي حڪومت) کي اڃان تائين فقط 492 ارب رپيا وصول ٿيا آهن ۽ وفاقي حڪومت  هلندڙ مهيني جي آخر تائين تقريباً 174 ارب رپيا جاري ڪرڻا آهن. هن چيو ته اڄ صبح ناڻي کاتي کي هڪ خط موصول ٿيو جنهن تحت 35 ارب رپيا وڌيڪ صوبائي حڪومت جي حصي مان ڪٽيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن جي سنڌ حڪومت ماڻهن ڪجهه ريليف ڏيڻ جي قابل ٿيندي جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ کي 130 ارب رپيا جاري ڪري.  ھن چيو تھ اھا غير معمولي صورتحال فقط سنڌ حڪومت سان ئي نھ آھي پر ٻين صوبن بھ اھڙي قسم جي صورتحال آھي. وڏي وزير چيو تھ ھو گذريل 10 سالن کان صوبائي حڪومت جو بجيٽ ٺاھي رھيو آھي پر ھن ڪڏھن بھ اھڙي طرح جي سنگين مالي صورتحال نھ ڏٺي جنھن ۾ بجيٽ بڻائڻ ھڪ ڏکيو ڪم بڻجي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته حڪومت بجيٽ تي هميشه تنقيد ٿيندي آهي پر هن ڀيري وفاقي حڪومت کي عوام پاران ناپسنديدگي درپيش اچڻ کيس پنهنجي نااهلي سبب هوندو ڇوته اهي ريونيو گڏ ڪرڻ جا هدف حاصل نه ڪري سگهي آهن ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي ريليف ڏيڻ کان مڪمل طور انڪار ڪيو آهي. هن چيو ته مونکي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته وفاقي حڪومت جو نه ڪو وزن آهي ۽ نه ئي کين پاڪستان جي غريب ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ جو خيال آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو اهو توقع ڪري رهيو ته وزيراعظم 10 جون جو قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪا سٺي خبر ڏيندو پر هن 5 منٽ جي ويڊيو ٽاڪ ۾ ڪابه مثبت ڳالهه نه هئي. ڪي فور منصوبي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آئي جا اڳواڻ هروڀرو جو هل هنگامو ڪري رهيا آهن ته صوبائي حڪومت منصوبي کي تباه ڪري ڇڏيو. ها! ٿي سگهي ٿو ته مون يا ڪنهن ٻئي منصوبي سان ڪجهه غلط ڪيو هجي پر انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته اوهان (وفاقي حڪومت) ڪراچي جي ماڻهن کي اهو منصوبو ختم ڪندي سخت سزا ڏيو.  ھڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاھھ چيو تھ حادثاتي طور تي پي ٽي آئي 2018 جي چونڊن ۾ ڪجھھ سيٽيون کٽي آھي، نھ تھ ڏٺو وڃي تھ ھن جي عوام  ۾ نھ پاڙون آھن ۽ نھ ئي انھن کي عوام ۾ پنھنجيون پاڙون بڻائڻ ۾ ڪابھ دلچسپي ۽ خيال آھي. ھن ميڊيا تي زور ڀريندي چيو تھ ھو ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پڇي تھ پي ٽي آئي کيس روايتي حلقن خاص طور 90 جي علائقي مان ڪھڙي ريت ڪامياب حاصل ڪئي. ھن چيو تھ اھو ئي آئون چوڻ چاھيان ٿو تھ اھي حادثاتي طور تي اسيمبلين ۾ آيا آھن انھيءَ ڪري ھو ھن شھر جي تعمير ۽ ترقي بابت نھ پيا سوچين.  ان کان پھرين مراد علي شاھھ علامھ عباس ڪميلي جي لاڏاڻي تي کيس پٽ ڪاظم عباس ڪميلي سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم لاءِ فاتحھ خواني ڪئي. ھن چيو تھ علامھ عباس ڪميلي ھڪ عظيم انسان ھو ۽ ھن ھميشھ فرقيوارانھ ھم آھنگي لاءِ ڪم ڪيو. ھن جي لاڏاڻي سان ھڪ خلا پيدا ٿيو آھي جنھن کي ڀرڻ تمام ڏکيو ھوندو. ھن چيو تھ علامھ عباس ڪميلي جي خدمتن کي ھميشھ ياد رکيو ويندو.  ان کانپوءِ وڏو وزير سنڌ ميجر معيز شھيد جي گھر پھتو جيڪو 7 جون تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شھيد ٿيو ھو. وڏي وزير شھيد ميجر معيز جي پيءُ مقصود بيگ سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائنيدي وڏي وزير چيو تھ قوم ۽ ميجر معيز جي گھرڀاتين کي کيس قرباني تي فخر آھي ۽ ھو ھميشھ قوم جو ھيرو طور ياد رکيو ويندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ صوبائي حڪومت ھميشھ پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جي خاندانن کي معاوضو ڏيندي آھي جيڪو پنھنجي فرض کي انجام ڏيندي پنھنجيون جانيون قربان ڪندا آھن. ھن چيو تھ آئون شھيد ميجر معيز جي خاندان کي معاضو ڏيڻ لاءِ طريقيڪار ۽ رستو ڳوليندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *