دهشتگردن کي پالڻ جا الزام رد، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ)وزيراعظم شاهدخاقان عباسي آ۾ريڪا پاران سيڪيورٽي سهڪار جي مد ۾ پاڪستان جي ٻه ارب ڊالرن تائين امداد روڪڻ جي رپورٽن تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا سول ۽ ملٽري امداد جي نالي تي هن وقت تائين جيڪا رقم ڏني اها نه هجڻ جي برابر هئي. آمريڪي صدر جا الزام گمراهه ڪندڙ آهن دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي وسيلن مان وڙهي رهيا آهيون جنهن تي عالمي برادري کي اسان جي ساراهه ڪرڻ گهرجي. برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردي خلاف جنگ فتح ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا پاران گذريل پنجن سالن ۾ ساليانو اٽڪل هڪ ڪروڙ ڊالرز جي امداد ملي جيڪا نه هجڻ برابر آهي هن چيو ته مان اخبارن ۾ پڙهيو ته 250 ملين يا 500 يا 900 ملين ڊالرز جي رقم ڏني وئي گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ان امداد بابت ڪا به خبر ناهي. وزيراعظم آمريڪي صدر پاران پاڪستان تي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڊبل گيم کيڏڻ وارو الزام رد ڪري ڇڏيو ۽ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري الزام کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ هن هميشه بين الاقوامي ڪنوينشنز جي پابندي ڪئي آهي ۽ اڄ اسان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون وزيراعظم چيو ته هن جنگ ۾ پاڪستاني معيشت کي 120 ڊالرن جو نقصان ٿيو اسان دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهيون. ان تي ڪو ئي چوي ٿو ته اسان دهشتگردن کي پاڙي رهيا آهيون اهو غلط چئي رهيو آهي اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته دنيا ان ڳالهه کي مڃي ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان اڳيان آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان هر سطح تي آمريڪا کي گڏ رکيو، کيس واضح ڪيو ته پاڪستان اڃا تائين ڇا ڪري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ٻيا ملڪ به ڄاڻين ٿا. هن چيو ته باقي دنيا افغانستان ۾ دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي جيڪي اڄ سرحد پار کان پاڪستان تي حملا ڪري رهيا آهن پاڪستان پنهنجي سرزمين ۾ دهشتگردي خلاف جنگ فتح ڪري چڪو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فاٽا جو فيصلو گڏيل صلاح مشوري سان ٿيڻ گهرجي فاٽا جو ڪم به مسلم ليگ (ن) ڪيو هڪ ڏينهن جو فيصلو ناهي هتي غلط برابر چوڻ روز جو معمول آهي مشرف ۽ پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڇو ڪم نه ٿيا، اسان فاٽا تي ڪميٽي جوڙي انشاءَ الله هي ڪم به ٿي ويندو خواهش آهي ته فاٽا جو معاملو گڏيل اتفاق راءِ سان حل ٿئي، فرق جو سبب نه بڻجي. هڪ سوال تي هن چيو ته ماڊل  ٽائون سانحي تي اهوئي جواب ڏيندا جيڪي هن فورم تي گڏ ٿيا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۾ ڪو به ڌڙو ناهي هڪ ئي ڌڙو آهي جيڪو ن ليگ جو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت هميشه پنهنجي شهيدن کي ياد ڪندي آهي ۽ ڪندي رهندي. حڪومت شهيدن جي وارثن جو به خيال رکي ٿي، حڪومت شهيدن جي وارثن لاءِ جيڪو ڪري ٿي اهو ان تي لازم آهي ضرب عضب سان اڄ تائين ڪيترائي آپريشن ٿيا ان جا فائدا سڀني جي آڏو آهن هن چيو ته چونڊيل وزيراعظم کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو جنهن جو ڪو به قانوني مثال ناهي. اسحاق ڊار چار سال محنت ڪئي کيس ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو آخر هنن سڀني شين جا اثر ته پوندا جيڪڏهن 28 جولاءِ وارو فيصلو نه ٿئي ها ته اسان گهڻو اڳتي هجون ها. سي پيڪ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته سي پيڪ مسلم ليگ (ن) شروع ڪيو سي پيڪ ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سيڙپ ٿي آهي سي پيڪ روڊ جو نالو ناهي 200 ملڪن جي وچ ۾ معاهدو آهي اقتصادي راهداري رٿا جا خاص نتيجا آهن سي پيڪ جا اثر پاڪستان پهچي رهيا آهن سي پيڪ مان اهي ملڪ خوش ناهن جيڪي پاڪستان جي ڀلائي نه ٿا چاهين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *