حڪومت ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سامهون ايندڙ بي بي سي جي رپورٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سامهون ايندڙ بي بي سي جي رپورٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، لاڳاپيل ادارا ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان خليل الله قاضي اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم  جي حوالي سان برطانوي نشرياتي اداري جي سامهون ايندڙ رپورٽ جو نوٽيس ورتو ويو آهي، لاڳاپيل ادارا ان معاملي کي جاچي رهيا آهن جنهن کان پوءِ ڪنهن نتيجي تي اچي سگهبو، سمور قدم پنهنجي مفاد ۾ کنيا ويندا. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته  پاڙيوارن ملڪن  سان  سٺن لاڳاپن جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي.ڀارت پاران ڳالهين جي اڳڀرائي لاءِ ڪو به اشارو ناهي مليو.ڳالهين جي بحالي لاءِڀارتي گهرو سيڪريٽري جي جواب جو انتظار آهي. پاڪستاني شهري زيد حامد جي سعوي عرب ۾ گرفتاري جي حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته زيد حامد کي 2 هفتا اڳ سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيو ويو، پاڪستاني سفارتخانا ان جي آزادي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *