پاڻي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، شهري غيرقانوني ڪنيڪشن هڻڻ کان پاسو ڪن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن ۽ ملندڙ پاڻي واري نظام ۾ 100 سيڪڙو پاڻي سپلائي ڪيو پيو وڃي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان مخالف ڌرجي سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته شهرين پاران پاڻي جي مين لائينن ۾ غير قانوني ڪنيڪشن لڳايا ويا آهن جنهن جي ڪري لائينن ۾ پاڻي جو زور ۽ هائيڊرنٽ جي سپلائي متاثر ٿي رهي آهي. اجلاس دوران شرجيل ميمڻ شهرين کي اپيل ڪئي ته  هو پاڻي جي مين لائينن مان غير قانوني ڪنيڪشن نه وٺن ڇو ته ان جي ڪري ئي پاڻي جي زور ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن پمپنگ اسٽيشنز تي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي ته گهربل زور کي ٻيهر ڏيڻ لاءِ 17 کان 36 ڪلاڪ کپندا آهن. مڪاني صوبائي وزير چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي ناهي انهن علائقن ۾ پاڻي جا ٽينڪر ڏنا ويا آهن. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ڪراچي جي اولهه وارن علائقن ۾ رمضان دوران ڊپٽي ڪمشنر جي ذريعي مفت واٽر ٽينڪر سروس جي شروعات به ڪئي وئي آهي. صوبائي اسمبلي جي اجلس دوران شرجيل ميمڻ اهو به قبوليو ته مريضن جو انگ وڌڻ سبب اسپتالن ۾ صفائي جي انتظامن ۾ پڻ ڏکيائي ٿي رهي آهي هن چيو ته اسپتال ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي هجي يا سنڌ حڪومت جي هجي اهي حڪومت جي نظر هيٺ ڪم ڪندا،جيڪڏهن هزارن جي انگ ۾ هڪ ئي وقت ماڻهو هتي ايندا ته اهڙا مسئلا ته ضرور پيدا ٿيندا.شرجيل ميمڻ چيو ته  هوڪي ايم سي اسپتالن جي صفائي جي معاملي کي به اٿاريندو. ياد رهي ته  هفتي کان وٺي سنڌ ۾ گرمي جي شدد سبب  ٿيندڙ 1000 کان وڌيڪ فوتگين سبب صوبائي حڪومت کي انتظامي معاملن ۾ لاپرواهي تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *