پاڪستان پاران بي بي سي جي رپورٽ تي برطانيا کي درخواست ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيور) پاڪستان بي بي سي جي ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ نشر ٿيڻ بعد ثبوتن لاءِ برطانيا کي باضابطه طور خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چوڌري نثار علي جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ متحده بابت ٺوس ثبوت موجود آهن. معاملي کي منطقي انجام تي رسايو ويندو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ بارٽن سان ملاقات ڪري بي بي سي جي رپورٽ ۽ عمران فاروق قتل ڪيس وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي ٻڌايو ته حڪومت بي بي سي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي ثبوتن ۽ حقيقتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ برطانوي سرڪار کي باضابطه درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته حڪومت وٽ ايم ڪيو ايم خلاف ٺوس ثبوت موجود هئا، پاڪستاني سڪيورٽي ادارن، عمران فاروق قتل ڪيس ۾ برطانيا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام سنگين آهن،جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، بي بي سي جي رپورٽ ڪجهه خاص ماڻهن بابت آهي،تنهنڪري ان کي سڄي پارٽي يا ووٽرز سان نه ڳنڍڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته متحده ۾ سٺا ۽ محب وطن سياستدان به موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *