حڪومت احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير اعجاز شاهه احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جي خبر جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، وفاقي وزير چيو ته ان بابت رياست باخبر آهي ان تي ڪم ٿي رهيو آهي، جلد سٺي خبر ملندي، غير قانوني سوسائٽين کي بلڪل ختم ڪرڻ گهرجي، صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جي خبر جي تصديق ڪري ڇڏي، هن چيو ته ان کان رياست باخبر آهي، ان تي ڪم ٿي رهيو آهي، معاشري کي بهتر بڻائڻ لاءِ پيسا خرچ نه پيا ڪريون، هر شيءِ کي پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ وجهي سوسائٽي نٿي هلي، گهرو وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ اهڙو نظام نٿو اچي سگهي جو گهر ۾ ماءُ پٽ کي مار ڏئي ته پوليس اچي وڃي، هن چيو ته اسان کي اخلاقي سپورٽ معاشري جي ڪرڻي آهي، هن چيو ته غير قانوني سوسائٽين کي ختم ڪرڻ گهرجي، انهن غير قانوني سوسائٽين جو هڪو پاڻي بند ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جن جون قانوني سوسائٽيون آهن انهن کي گيس، پاڻي، بجلي انهن غير قانوني سوسائٽين جي ڪري نه پيو ملي، هن چيو ته نئين ايئرپورٽ وٽ جيتريون سوسائٽيون ٺهيون ان سان گڏ ڪچيون آباديون ٺهي رهيون آهن، هن چيو ته پاسپورٽ آفيسون سمورن ضلعن ۾ ٺاهيون ويون آهن، مون سفارش ڪئي آهي ته جنهن تعلقي جي آبادي 10 لک کان وڌيڪ هجي اتي پاسپورٽ آفيس ٺاهي وڃي، هن چيو ته بنگلاديش جي ٽيم آئي ته مان گهر کان نه نڪري سگهيس، ڇو ته ميرٽ ۾ ٽيم ترسيل هئي، گهرو وزير چيو ته مان سموري انتظاميا کي گهرايو ته رستا ڇو بند آهن، گهرو وزير چيو ته پوليس، انتظاميا فوج تي سموري ذميواري وجهي ڇڏي، گهرو وزير چيو ته مان پي سي بي جي چيئرمين کي فون ڪري چيو ته هاڻ جيڪڏهن ڪا ٽيم آئي ۽ ميرٽ ۾ ترسايو ويو ته ڪا به سيڪيورٽي نه ملندي، گهرو وزير چيو ته مون کي چيو ويو ته پي ايس ايل جي سمورن رانديگرن کي اسٽيٽ گيسٽ جو درجو ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *