محرابپور ۾ سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز بعد تدفين، پوري سنڌ ۾ صحافي برادري سراپا احتجاج

ڪراچي/محرابپور  (ويب نيوز)  محرابپور ۾ سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي، صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول محرابپور جي گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي،سماجي، علمي، ادبي، مذهبي، ۽ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن سميت سوين صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صحافي جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، صحافي عزيز ميمڻ جو مڙھ کڄڻ وقت هر اک آلي ٿي وئي ۽ شهر جي فضا سوڳوار رهي.ٻئي طرف  محرابپور جي صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافي توڙي شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جي قتل خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا پيا وڃن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، خيرپور، تنگواڻي، محرابپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا جاري آهن، تنگواڻي ۾ محرابپور جي صحافي جي بيدردي سان قتل خلاف صحافين ۽ شهرين طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو، بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڪڪڙ ۾ محراب پور جي صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف صحافين، شھرين ۽ واپارين طرفان احتجاج ڪيو ويو، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، محرابپور جي صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف صحافين ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، چڪ شھر ۾ صحافين پاران محرابپور جي قتل ٿيل صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي چڪ سکر روڊ تي احتجاج ڪيو ويو، ڪريم بخش کوسو ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پڻ احتجاج ڪيو ويو، صحافي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ صورت ۾ تحريڪ جو چتاءُ ڏنو ويو، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ صحافين توڙي شهرين طرفان احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، سيھڙ ۾ محرابپور جي صحافي جي قتل خلاف سيھڙ جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي ويا، وڏي انگ ۾ صحافين سيھڙ روڊ تي ڌرڻو ھنيو، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، پکو نيشنل پريس ڪلب جي صحافين پاران محرابپور جي سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف مک چوڪ تي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، محراب پور جي صحافي عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي خلاف قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي پريس ڪلبن مٿان ڪارا جهنڊا چاڙھيا ويا، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب قمبر طرفان صحافين ۽ سماجي تنظيمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مختيار ڪار آفيس اڳيان روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته صحافي عزيز ميمڻ کي ڪنهن پلاٽ تا زمين جي تڪرار تان نه پر حق ۽ سچ جو آواز بڻجڻ تي کيس قتل ڪيو ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي سازش کان ڊنل نه آھيون، اڳواڻن چيو ته صحافي اڳ ئي پوليس ۽ بااثرن جي ڌمڪائڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون پر افسوس جو کيس تحفظ نه ڏنو ويو، صحافي جي قاتلن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *