شهري ٻيلن جي جاءِ تي ٻارن جي راند جا ميدان قائم ڪيا وڃن: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، ٻيلي کاتي ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ گرين پاڪستان پروگرام جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي سندس آفيس ۾ منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ گرين پاڪستان پروگرام جي حوالي سان ڪيل اپائن جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويو.سيد ناصر حسين شاھ چي ته گرين پاڪستان  پروگرام جي حوالي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ان ۾ اچڻ واريون سموريون رنڊڪون پري ڪيون وڃن. گڏجاڻي ۾ لياري ندي جي ڪناري دنيا جي سڀ کان وڏي شهري وڻڪاري جي ڪمن جو به جائزو ورتو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق نينوا گرين سم جي حوالي سان خدمتن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهري وڻڪاري جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي غلطي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري خاص دلچسپي وٺندي شهري وڻڪاري جي منصوبي جو فوري افتتاح ڪيو ۽ ان جي ويزن کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته لياري ندي جي ڪناري قائم ٿيڻ واري شهري وڻڪاري ۾ لڳندڙ ٻوٽن جي سار سنڀال لاءِ خاص اپاءُ ورتا وڃن ان ۾ اسپورٽس جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ڇو ته لياري وارا اسان جي پروڊڪٽ آهن. هن چيو ته سمورن بلدياتي ادارن کي مڪمل سپورٽ ڪرڻ سان گڏ لڳايا ويندڙ ٻوٽا عوام کي نظر اچڻ گهرجن واهن ۽ شاهرائن جي ڪناري تي به وڻڪاري ڪئي وڃي. هن چيو ته جتي به وڻڪاري ڪئي وڃي اتي ٻوٽن جي حفاظت ۽ سار سنڀار جو به خيال رکيو وڃي بهار جي موسم جي وڻڪاري جي افتتاح لاءِ وزيراعليٰ سنڌ کي درخواست ڪئي ويندي. اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهري ٻيلن جي جاءِ تي ٻارن جي راند جا ميدان قائم ڪيا وڃن. شهرين لاءِ جاگنگ ٽريڪ ۽ تفريح سهولتون لياري ندي جي ڪناري تي لڳائي ويندڙ ٻيلن کي ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن لاءِ پر ڪشش ۽ پيپلز عربن فاريسٽ جو بورڊ به لڳايو ويندو هن چيو ته کاتي ۾ ڀرتين جي حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن ڀرتيون شفاف طريقي سان ميرٽ موجب ڪيون وڃن ڀرتين جي حوالي سان اخبارن ۾ اشتهار ڏنا وڃن ميرٽ تي پوري لهندڙ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي طرفن وڻڪاري ڪئي وڃي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنگلات عبدالرحيم سومرو، چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ رياض وڳڻ سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *