حڪومتي پاليسي جي تائيد، ڪشميرين لاءِ هر حد تائين وينداسين: پاڪ فوج جو اعلان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج، حق خودارادي جي لاءِ ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ اسان ان ذميواري کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ هر حد تائين وينداسين. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊ ڪانفرنس رٿي وئي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڪشمير جي صوتحال جي هڪ نقطي واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشمير بابر ڀارتي قدم رد ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي جي مڪمل تائيد ڪندي چيو ته پاڪستان، ڪشمير تي شرم جوڳو قبضو آرتيڪل 370 يا 35 اي جي ذريعي قانوني بڻائڻ جون ڀارتي ڪوششون ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج حق خوداراديت جي لاءِ ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي ۽ اسان ان ذميواري کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ هر حد تائين وينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *