ڪراچي ۾ حد دخليون، سنڌ سرڪار ناڪام، وفاقي سرڪار فلاپ ٿي ته ڇا ٿيندو؟: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري فٽ پاٿن ۽ پارڪن تان چوڪيون هٽائڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ڪراچي جي فٽ پاٿن ۽ پارڪن تان پوليس ۽ رينجرز جون چوڪيون هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ تازو برسات پئي، اسان ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو ڪيفي پيالا تي ويهي چائي جو مزو وٺي رهيا هئا ۽ ڪجهه ماڻهن ته رڳو آفيس مان ويهي ئي پتو لڳايو ته ڪرنٽ لڳڻ سان ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا. هن ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو ميئر وسيم اختر رين ڪوٽ پائي برسات جي پاڻي مان لطف اندوز ٿيندو رهيو، جڏهن ته ان جي ڀرپاسي ۾ موجود سمورا ماڻهو پِسندا رهيا، شهري هر شئي کي ڏسي رهيا آهن، توهان کي اندازو ناهي ته ان جا اثر ڪهڙا هوندا. عدالت چيو ته وفاق طرفان هاڻ ڪراچي کي صاف ڪرڻ جو بار کنيو ويو آهي، جيتوڻيڪ شهري حڪومت ۽ صوبائي حڪومت مڪمل طور ناڪام آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت به فيل ٿي وڃي ٿي ته توهان کي اندازو آهي ڇا ٿيندو؟ پوءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پوليس چوڪيون هٽائڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏني ۽ ان ئي ڏينهن ان حوالي سان رپورٽ به طلب ڪري ورتي، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *