جيڪو ڀارت چيو اسان نٿا مڃون، رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته جواب ڏينداسين، رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، ڀارت ڪالهه جيڪو ڪيو اهو ان جي اليڪشن جو منشور هو، اهو ئي ان جو نظريو آهي، آر ايس ايس جا باني رڳو هندو راڄ چاهين ٿا، هندن جي نظريي کي سمجهڻ تي قائد اعظم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ڀارت پنهنجي نظريي لاءِ آئين ۽ سمورن عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪشميرين کي طاقت جي نشي ۾ ڇٿڻ جي ڪوشش تي ان پاران رد عمل ايندو، اڳڪٿي ڪريان ٿو ٻيهر پلواما جهڙو واقعو ٿيندو ۽ الزام پاڪستان تي لڳندو، نيو ڪليئر بليڪ ميلنگ نه پيو ڪري، هي ايڪشن وٺڻ جو وقت آهي، دنيا کي اپيل آهي ته اها پنهنجن ٺاهيل قانون تي عمل ڪرائي، ائين نه ٿيو ته اسان ذميوار ناهيون، ماضي ۾ ايڪشن نه وٺڻ تي ڀارت کي هٿي ملي، هر فورم تي پنهنجو ڪيس وڙهنداسين، ڏسي رهيا آهيون ته انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ڪئين وڃون، ڀارتي قدم کي جنرل اسيمبلي ۾ اٿارينداسين، ڪشميرين سان سڄو پاڪستان نه پر سڄي مسلم دنيا گڏ آهي، اڱاري تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي معاملي تي پاليسي بيان ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي ان اجلاس جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي، هن اجلاس کي پاڪستاني قوم پر سڄي دنيا ڏسي رهي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ائين گوڙ ڪرڻ چاهي ٿي ته مان ويهي رهان ٿو، جنهن تي شهباز شريف چيو ته مان پنهنجي دوستن کي گذارش ڪريان ٿو ته ان کي ٻڌو پوءِ اسان جواب ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته هن سيشن جي اهميت رڳو ڪشميرين، پاڪستان لاءِ ناهي پر ڀارت جيڪو فيصلو ڪيو ان جا اثر سڄي دنيا تي پوندا، هي اهم آهي ته تحمل سان ٻڌو ته اڄ هتان اهم پيغام ويندو، هن چيو ته منهنجي حڪومت جي پهرين ترجيح هئي ته پاڪستان ۾ غربت کي ختم ڪيو وڃي، ان لاءِ سمورن پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا وڃن ڇو ته عدم استحڪام جا اثر واڌ جي شرح تي پون ٿا، عمران خان چيو ته مان سمورن پاڙيسرين سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خطي ۾ سيڙپڪاري ايندي ته غربت ختم ٿي ويندي، مان ڀارت سان رابطو ڪيو، توهان هڪ قدم اسان ڏانهن وڌائيندا ته اسان 2 قدم وڌائينداسين، افغانستان، چين ۽ ٻين ملڪن جو دورو ڪيو، تازوئي آمريڪا جو دورو ڪيو، هن چيو ته آمريڪا جو دورو ان ڪوشش جي ڪڙي هئي ته ماضي ۾ جيڪي مسئلا هئا اهي ختم ٿين ته جيئن پاڪستان کي استحڪام ملي ۽ غربت ختم ٿي سگهي، هن چيو ته مودي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي موجود هجڻ جا خدشا ظاهر ڪيا هئا، اسان کيس سمجهايو ته 2014 ۾ آرمي پبلڪ سانحو ٿيو ته سمورين سياسي پارٽين نيشنل ايڪشن پلان پاس ڪيو هو ته پاڪستان جي زمين کي ڪنهن دهشتگردي ٽولي پاران استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان ڀارت سان ڳالهين جي خواهش جو اظهار ڪيو پر کيس ان ۾ دلچسپي نه هئي، ان کانپوءِ پلواما واقعو ٿيو، پلواما ۾ مودي کي سمجهايو ته ان ۾ پاڪستان جو هٿ نه هو پر ان وقت ڀارت ۾ چونڊون هيون ۽ کيس ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن کان دنيا جو ڌيان هٽائڻو هو، وزيراعظم چيو ته ڀارت جو مقصد جنگي جنون ۽ پاڪستان خلاف نفرت پيدا ڪري اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ هو، ڀارت ڊوزيئر بعد ۾ موڪليو، جهاز پهريان موڪليا، ان جو پاڪستان جي هوائي فوج ڀرپور جواب ڏنو، اسان ان جو پائيليٽ پڪڙيو ته اهو ٻڌائڻ لاءِ آزاد ڪيو ته اسان جنگ نٿا چاهيون، هن چيو ته ان کانپوءِ اسان ڀارتي چونڊن تائين خاموش ٿي وياسين، هن چيو ته بشڪڪ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڀارت جو رويو ڏسي اسان کي احساس ٿيو ته هو اسان جي امن جي ڪوششن کي غلط سمجهي رهيو آهي، ان کي اسان جي ڪمزوري سمجهي رهيو آهي ان لاءِ اسان وڌيڪ ڳالهيون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي طور تي هي معاملو اڳتي نه پيو وڌي ۽ ننڍي کنڊ ۾ ڪشمير مسئلي سبب هڪ ارب ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن ان لاءِ آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ درخواست ڪئي ته هو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت جو رد عمل توهان جو سامهون هو، هن چيو ته جنهن جو خدشو هو اهو سامهون اچي ويو، هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ جيڪي ماڻهو ٻه قومي نظريي کي نه مڃيندا هئا اڄ اهي به چئي رهيا آهن ته قائد اعظم جو ٻه قومي نظريو ٺيڪ هو، هو چئي رهيا آهن ته هتي سمورين اقلتين، مسلمانن ۽ عيسائي برادري سان به ساڳيو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته قائد اعظم 11 آگسٽ جي تقرير ۾ چيو هو ته سڀ پنهنجن عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهن ۽ اسان غلطي سان چئون ٿا ته قائد اعظم سيڪيولر هو، هن چيو ته حقيقت ۾ هي ٻه نظريا هئا هڪ ته نسل پرست نظريو اهو هو ته مسلمانن کي برابري جو درجو نٿو ڏنو وڃي، ٻيو نظريو قائد اعظم جو هو ته هتي سڀ برابر آهن، اهو نظريو رياست مديني مان ورتو هو، وزيراعظم چيو ته نبي صلم آخري خطبي ۾ چيو هو ته اسان سڀ آدم جو اولاد آهيون، هن نسل پرستي کي رد ڪيو هو ۽ پاڪستان جنهن نظريي تي ٺهيو ان ۾ ساڙ نه هو، هن چيو ته قائد اعظم 11 آگسٽ جي تقرير ۽ تحريڪ پاڪستان جي تقرير ۾ چيو هو ته هندستان ۾ کين بنيادي حق نه ملندا ته هو مسلم ڪارڊ نه کيڏي رهيو هو جنهن نظريي سان ان جو مقابلو آهي ان کي هو سمجهي ويو هو، هن چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي اسان ان جا مخالف آهيون، اسان جي ملڪ ۾ اقلتين سان ناانصافي ٿئي ته اسان پنهنجي دين ۽ نظريي جي خلاف وڃون ٿا پر موجوده بي جي پي جي حڪومت جڏهن گوشت کائيندڙن کي ٽنگي ڇڏي ٿي ۽ ماڻهو انهن کي ماري ڇڏين ٿا جيئن انهن ڪالهه ڪشمير ۾ ڪيو، گذريل 5 سال جيڪو تشدد ڪيو ۽ جيڪو عيسائي برادري سان ڪيو اهو ڀارت جو نظريو آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جو مقابلو نسل پرست نظريي سان آهي، ڪشيمر ۾ انهن پنهنجي نظريي موجب ڪيو پر اهي پنهنجي ملڪ جي آئين، سپريم ڪورٽ، والاريل ڪشمير جي فيصلي جي خلاف ويا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ٺهرائن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ويا، هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪشيمر جي خاص حيثيت تبديل ڪري مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي، اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جنيو ڪنويشن جي آرٽيڪل 49 جي خلاف آهي ان کي جنگي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *