حمزا شهباز جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ 4 لک 14 هزار آمريڪي ڊالر منتقل ٿيا: نيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي ڪمپنين جي وڌيڪ 50 بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن.  نيب حمزا شهباز شريف جي پرڏيهه منتقل ٿيل رقم جي تفصيلن بابت رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيب جي رپورٽ موجب حمزا شهباز شريف جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ڪل 4 لک 14 هزار 15 آمريڪي ڊالر منتقل ٿيا. حمزا شهباز شريف کي 2005ع ۾ اها رقم سندس پاڪستان ۾ موجود ٻن بئنڪ اڪائونٽن مان منتقل ٿي. حمزا شهباز شريف کي 2005ع ۾ اها رقم سندس پاڪستان ۾ موجود ٻه بئنڪ اڪائونٽن مان منتقل ٿي. حمزا شهباز شريف کي پهرين جون 2005ع تي 99 هزار 965 آمريڪي ڊالر منتقل ٿيا. چار جون 2005ع تي حمزا شهباز 83 هزار 920 آمريڪي ڊالر وصول ڪيا. 17 جون 2005ع تي حمزا شهباز شريف 99 هزار 270 آمريڪي ڊالر وصول ڪيا. 10  آگسٽ 2005 تي حمزا شهباز شريف 65 هزار 580 ڊالر وصول ڪيا. 10 آگسٽ تي هڪ وڌيڪ ٽرانزيڪشن ذريعي حمزا شهباز 64 هزار 980 ڊالر اوڳاڙيا. نيب لاهور جي رپورٽ موجب حمزا شهباز شريف کان رقم موڪليندڙ ماڻهن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ باقي آهي. حمزا شهباز ۽ سندس فيملي جي ڪمپنين جي 50 بئنڪ اڪائونٽ جڏهن ته ذاتي 12 ڪاائونٽن بابت جاچ به ڪرڻي آهي جنهن ۾ وڏي رقم منتقل ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *