پاڪستان ۾ ڪاروباري طبقي جو اعتماد گهٽجي رهيو آهي، مهانگائي وڌندي: عالمي رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي ڪريڊٽ ايجنسي ”فچ“ پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان چيو آهي ته ڪاروباري طبقي جو اعتماد گهٽجي رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري ناڪاري اثر وٺي رهي آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي معاهدي تي تبصرو ڪندي فچ ۾ رپورٽ ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف سان 8 مهينن کانپوءِ معاهدو طئي ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اقتصادي ۽ مانيٽري پاليسيون سخت رهنديون، آءِ ايم ايف پروگرام ڊگهي مدي ۾ معيشت لاءِ ناڪاري هوندو. فچ موجب آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ 150 بيسز پوائنٽون وڌايون آهن، آءِ ايم ايف پروگرام جي وقت ڊالر 142 رپين جو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي معاشي شرح هلندڙ مالي سال ۾ 3.2 سيڪڙو رهندي، مالي سال 2020 ۾ معاشي شرح 2.7 سيڪڙو رهندي، مهانگائي وڌندي ۽ خريد جي قوت گهٽ ٿيندي. فچ جو چوڻ آهي ته معاشي شرح حڪومتي هدف کان گهٽ رهندي، ڪچي تيل جي قيمتن سبب درآمد وڌندي، اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪِرڻ معيشت تي اعتماد کي گهٽ ڪري رهيو آهي، جولاءِ 2018 کان اسٽاڪ مارڪيٽ 14 سيڪڙو ڪِري مارچ 2016 جي سطح تي اچي وئي آهي. فچ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪاروباري طبقي جو اعتماد گهٽجي رهيو آهي، سيڙڪاري ناڪاري اثر وٺي رهي آهي، سي پيڪ سيڙپڪاري معيشت کي سپورٽ فراهم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *