رپئي جي ملهه ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري، ڊالر 164 رپيه 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ رپئي جي ملهه ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر جو اگهه هڪ دفعو ٻيهر وڌي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيه 34 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ ڊالر 164 رپيه 50 پئسن تي ٽريڊ ٿي رهيو آهي. گذريل ڏينهن ڊالر جي ملهه ۾ تقريبن پنج رپيه اضافو ٿيو ۽ اڄ وڌيڪ ٻه رپيه قيمت وڌي وئي آهي. ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ معمولي بهتري جو رجحان پيدا ٿي ويو آهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 65 پوانٽس جو اضافو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ انڊيڪس 34 هزار 153 پوائنٽس تي پهچي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *