حالتن کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته ڪورونا وبا جي خاتمي جو في الحال ڪو به امڪان ناهي: ڊبليو ايڇ او

ڪراچي(م.ڊ) صحت جي عالمي اداري خبردار ڪندي چيو آهي ته هاڻوڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته ڪورونا وبا جي خاتمي جو في الحال ڪو به امڪان ناهي. تفصيلن موجب صحت جي عالمي اداري جي ايمرجنسي ڪميٽي طرفان ٿيندڙ ورچوئل اجلاس ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته في الحال عالمي وبا ختم ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي. اجلاس ۾ ٻڌايو آهي ته ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ ۽ علاج ذريعي اڳڀرائي ٿي آهي. ڪميٽي طرفان اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪورونا عنصرن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ ان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي. اجلاس ڪميٽي طرفان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڪورونا وائرس جي منتقلي کي گهٽائڻ جي لاءِ ماسڪ جو استعمال، جسماني وٿي، هٿن کي صاف رکڻ ۽ انڊور سطح تي گذرڻ جي نظام ۾ بهتري اڃا تائين ضروري آهي. ان کانسواءِ چيو ويو ته عالمي سفر جي لاءِ ويڪسي نيشن جو ثبوت لازمي نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي اهو ڪو واحد شرط هجڻ گهرجي. ملڪن کي اهڙن شرطن بدران عالمي سفر جي لاءِ خطرن جي حساب سان قدم کڻڻ گهرجن، جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ قرنطينا جهڙا قدم شامل آهن جڏهن اهي مناسب هجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *