فحش فلمن جو معاهدو ڪندڙ اداڪارا شلپا ۽ راج ڪندرا کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)باليووڊ اداڪارا شرلين چوپڙا اداڪارا شلپا شيٽي ۽ سندس مڙس راج ڪندرا خلاف انڊر ورلڊ جون ڌمڪيون ڏيڻ تي 75 ڪروڙ ڀارتي رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب شرلين چوپڙا جو چوڻ آهي ته شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا مونکي انڊرورلڊ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ عزت کي نقصان پهچائڻ جي نالي تي مونکي 50 ڪروڙ ڀارتي رپين جو نوٽيس موڪلرايو پر مان ڪنهن کان ڊڄڻ واري ناهيان.واضح رهي ته شرلين چوپڙا فحش فلمن واري ڪيس بابت راج ڪندرا تي الزام لڳايو هو ۽ چيو هو ته ساڻس فحش فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو هو ۽ مان معاهدي تي صحيحون به ڪيون هيون، هو چاهي پيو ته مان ساڻس گڏجي ڪم ڪيان ۽ ايپليڪيشن جو نالو به شرلين چوپڙا ايپ جي نالي سان رکيو وڃڻو هو.گذريل ڏينهن ۾ باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا اداڪارا شرلين چوپڙا تي پنهنجي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪري 50 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي هئي.هاڻي شرلين چوپڙا جواب ۾ شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا کي ذهني طور تي هراسان ڪرڻ خلاف 75 ڪروڙ ڀارتي رپين جو نوٽيس موڪلرايو آهي.شرلين چوپڙا الزام لڳايو آهي ته شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا کيس انڊرورلڊ کان به ڊيڄاريو آهي، ان حوالي سان هوءَ ممبئي جي پوليس اسٽيشن ۾ درخواست به داخل ڪري چڪي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *