نيب آرڊيننس، جج به پريشان آهن ته ڇا ڪيون: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي (اين اين آءِ) احتساب عدالت پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين جي ريفرنس ۾ ساٿي جوابدار طرفان نئين آرڊيننس بابت درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو خميس تي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، نيب پاران ريفرنس جو شاهد به عدالت م پيش ٿيو، ريفرنس جي شريڪ جوابدار شيخ عمران طرفان درخواست داخل ڪئي وئي، جوابدار جي وڪيل چيو ته نيب آرڊيننس اچڻ کان پوءِ ريفرنس جي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، شنوائي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هي نام نهاد احتساب جو عمل آهي، هن هفتي منهنجون 3 پيشيون آهن، نيب جو نئون قانون نيب چيئرمين جي نوڪري ۾ واڌ لاءِ آندو ويو آهي، سمورين شين کي راز ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته نيب آرڊيننس آڻڻ جي ڇو تڪڙ هئي، سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪو آرڊيننس آيو آهي جج صاحب پاڻ ان سان پريشان آهن، سمورين شين کي ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڇي ٽن هفتن تائين ڊي جي آئي ايس آئي جي مقرري جو معاملو هلندو رهيو هي معاملو ڇو پبلڪ ڊومين ۾ آيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، جيڪڏهن قانون بدنيتي سان بڻايا ويندا ته نتيجا ته سٺا نه ايندا اڄ ملڪ ۾ جيڪا صورتحال آهي اها سڀني جي سامهون آهي هنچ يو ته حڪومت اڄ تائين توشه خانه جي تحفن جو جواب ناهي ڏئي سگهي، تحفا جيڪي حڪومت جي نمائندن کي ملن ٿا اهي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي حڪومت پاڻ هن معاملي ۾ عدالت هلي وئي آهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ پٽيشن داخل ڪئي آهي ان جي خلاف هي معاملو هلڻ وارو نه آهي هي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪمرانن کي ڪائي پرواهه نه آهي، حڪومت چوري لڪائڻ ۾ ڪوشان رهندي ته مهانگي جو معاملو ڪير ڏسندو اليڪشن چوري ٿيڻ جو عوام جي کيسي تي اثر پئجي رهيو آهي، ڊآلر ۾ واڌ ۽ رپئي جو ملهه ڇو گهٽجي رهيو آهي، هن چيو ته بنا دير صاف شفاف اليڪشن پاڪستان جي مسئلن جو هڪ ئي حل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *