جڪيڏهن قوم چوي ته عمران خان صادق ۽ امين آهي ته پوءِ انا لله وانا اليه راجعون: خورشيد شاهه

سکر(م.ڊ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ جو سڀ کان اهم مسئلو مهانگائي آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ 120 ملين رپيا سبسڊي ڏئي غريب عوام تي 200 ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي، سکر جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ڪراچي ۾ 1300 ۽ سکر ۾ 1200 جو گوشت ملي رهيو آهي، جيڪو 700 ۾ ملندو هو، بجلي ۽ تيل جا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌايا ويا آهن، ڊپ آهي ته تيل 150 کان وڌيڪ ڊالر 200 تائين ويندو، هن چيو ته سياست ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿيندو آهي، فيصلا حالتن ۾ تبديل ٿيندا آهن، اپوزيشن پارليامينٽ ۾ هڪ پيج تي هوندي آهي، مخالف ڌر کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندس، سڀ منهنجي عزت ڪن ٿا، هن چيو آهي ته عمران خان عارضي بيان ڏئي پنهنجي جان ڇڏائيندو آهي، معيشت سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڳالهيون به نه ڪيون وڃن، سڀني کي خبر آهي ته عمران خان کي ايماندار ۽ مخلص چوڻ وارا پاڻ  ڪيترا مخلص آهن، جڪيڏهن قوم چوي ته عمران خان صادق ۽ امين آهي ته پوءِ انا لله وانا اليه راجعون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *