ڊسڪا چونڊ رپورٽ، اليڪشن ڪميشن جو ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊسڪا ضمني چونڊ بابت ٻنهي انڪوائرين ۾ ذميوار قرار ڏنل آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊسڪا ضمني چونڊ جي انڪوائري رپورٽن تي غور ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن موجب ڊسڪا جي ضمني چونڊ بابت ٻنهي انڪوائري ڪميٽين جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، ٻنهي انڪوائرين ۾ ذميوار قرار ڏنل آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اي سي پي موجب ذميوار قرار ڏنل آفيسرن خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪندي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ڊسڪا ضمني چونڊ بابت جاچ رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ضمني چونڊ آزاد، صاف ۽ شفاف ماحول ۾ نه ٿي. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز محمد اقبال چونڊ عمل ۾ گڙٻڙ لاءِ اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته اي سي هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ فردوس عاشق اعواڻ به شريڪ ٿي. رپورٽ جي ردعمل ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي اڳوڻي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته اليڪشن ڪميشن جي آفيسر جي رپورٽ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *